گاجي کهاوڙ ۾ 20 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند, هزارين ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل

گاجي کهاوڙ :-  گاجي کهاوڙ ۾ 20 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند، ڪيترائي گودام ۽ اوطاقون بڻيل، استاد ۽ عملو گهر ويٺي پگهار کڻڻ لڳو، هزارين ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل. ان سلسلي ۾ گاجي کهاوڙ جي يوسي حمل ۾ بوائز پرائمري اسڪول لشڪر خان لاشاري، آڍو خان لاشاري، پير صالح شاهه، عبدالله چانڊيو، حمل، مرزاپور ۽ ٻيا اسڪول بند پيل آهن، جڏهن ته ڪيترائي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون ۽ گدام بڻيل آهن، واضح رهي ته يوسي حمل ۾ميهڙ گئس فيلڊ به آهي جتان روزانه هزارين لٽر تيل نڪرڻ باوجود هن علائقي کي ڪابه رائلٽي نه ملي سگهي آهي. 20 کان وڌيڪ اسڪول بند هئڻ سبب شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي ۽ ڪيترائي شاگرد پورهيو ڪرڻ ۽ مال چارڻ تي مجبور آهن. ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون زبون حال ٿي ڊهي ويون آهن پر انهن جي مرمت نٿي ڪري وڃي، جڏهن ته ڄاڻايل اسڪولن جا استاد، چوڪيدار، پٽيوالا ۽ ٻيو عملو 2007 کان وٺي هن مهل تائين ڊيوٽيون ڪرڻ بدران گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيو آهي. علائقي واسين اصغر چانڊيو، شمس الدين چانڊيو، زاهد لاشاري، شبير لاشاري، سڪندر ساکاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول بند هئڻ سبب اسان جي ٻچڙن جو مستقبل تباهه ٿي ويو آهي. هنن چيو ته يوسي ۾ ڪم ڪندڙ گئس ڪمپني طرفان علائقي ۾ عوامي ڀلائي لاءِ ڪوبه منصوبو شروع نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تعليم کاتي به وساري ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻن سنڌ سرڪار ۽ تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه کان مطالبو ڪيو ته بند پيل اسڪول کولرائي اسان جي ٻچڙن جو مستقبل بچايو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي اِي او پرائمري قمبر ديدار حسين وڳڻ چيو ته مون ڪجهه ڏينهن اڳ گاجي کهاوڙ جا ڳوٺ مرزاپور ۽ گاجي بخش مارفاڻي ۾2 اسڪول کولرايا آهن. ٽي او وارهه مونکي ليٽر لکيو آھي ته تعلقي وارهه جا 50 پرائمري اسڪول بند ڪنداسين، ڇو ته اتي ٻارن جي آبادي به ناهي. استاد بنا پڙھائڻ جي پگهارون کڻن ٿا، اتان استاد بدلي ڪري ٻي هنڌ مقرر ڪنداسين، ته جيئن استادن جي کوٽ ختم ٿئي.