گئس ڪمپنيون آسپاس واري آبادي کي گئس مهيا ڪرڻ جون پابند آهن. سُپريم ڪورٽ

اسلام آباد :  سُپريم ڪورٽ مقامي آبادين کي گئس مهيا نه ٿيڻ تي گئس ڪمپني کي جاري ٿيل توهين عدالت جو نوٽيس معطل ڪندي ڪمپني کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو آهي ته گئس ڪمپني آسپاس واري آبادي کي گئس مهيا ڪرڻ جون پابند آهن. سُپريم ڪورٽ ۾ سنڌ اندر مقامي آبادين کي گئس مهيا نه ٿيڻ تي ڪمپني کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سُئي سدرن گئس ڪمپني کي جاري ڪيل توهين عدالت جو نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو. سُپريم ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 158 اي تحت پهرين اُن علائقي کي گئس مهيا ڪئي وڃي، جتان گئس نڪري رهي آهي. جسٽس يحييٰ آفريدي ريمارڪس ڏيندي چيو ته گئس فيلڊ ترجيحي بُنيادن تي ويجهاڻي وارن علائقن کي گئس مهيا ڪرڻ جي پابند آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت ۾ پيش ٿي آگاهه ڪيو ته هاءِ ڪورٽ 6 مهينن ۾ ويجهاڻي وارن علائقن کي گئس مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيڪو ممڪن نه آهي. گهوٽڪي ۽ بدين سوڌو ٻين علائقن کي گئس مهيا ڪئي پئي وڃي. جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي آئين ڏسڻو آهي، اهو نٿا چئي سگهون ته گئس ڪيئن فراهم ڪرڻي آهي. ڪمپني پنهنجي آئيني مينڊيٽ کي پورو ڪري.سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته گئس ڪمپني طرفان آسپاس وارين آبادين کي ڇڏي ٻين علائقن کي گئس مهيا ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. جسٽس فيصل عرب ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڀرپاسي وارن علائقن کي 4 سالن ۾ گئس فراهم ڇو نٿا ڪريو؟ ايڊيشنل اي جي چيو ته سمورن ڳوٺن کي گئس مهيا ڪنداسين، پر اُن لاءِ وقت گهرجي. هاءِ ڪورٽ اسان جي جواب تي بي اطميناني ظاهر ڪندي توهين عدالت جونوٽيس جاري ڪيو آهي.ٻڌڻيءَ دوران گئس ڪمپني جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته مقامي ماڻهن کي مقرر حد کان وڌيڪ نوڪريون نٿا ڏئي سگهون، جتي 10 ماڻهن جي ضرورت آهي، اُتي 32 ماڻهن کي نوڪري نٿي ڏئي سگهجي. عدالت گئس ڪمپني پنهنجن علائقن ۾ ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته حڪم ڏنو ته مقامي آبادين کي گئس مهيا ڪرڻ ضروري آهي،جيڪي ڪارڻ سُپريم ڪورٽ ۾ ٻڌايا ويا آهن، اُهي هاءِ ڪورٽ کي به ٻڌايا وڃن. واضح رهي ته سنڌ اندر 10 گئس فيلڊز کي 528 ڳوٺن کي گئس مهيا ڪرڻي آهي.