گئس جي معاملي ۾ سنڌ کي جائز حق ڏياريو ويندو ڪنهن کي پرچائڻ نه آيو آهيان :عمران اسماعيل

ڪراچي :-  پي ٽي آءِ سرڪار سان ناراض اتحادي جي ڊي اي سربراهه سان ملاقات بعد گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته گئس جي معاملي ۾ سنڌ کي جائز حق ڏياريو ويندو، صوبي جي عوام جي مفاد ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جو اتحاد برقرار رهندو. گورنر چيو آهي ته سنڌ جو ورهاڱو قطعي قبول نه آهي، باقي هو ڪنهن کي پرچائڻ نه آيو آهي.گورنر عمران اسماعيل پارٽي اڳواڻن جي وفد سوڌو ڪنگري هائوس پهچي جي ڊي اي سربراهه صدر الدين شاهه سان ملاقات ڪئي. اُن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن ميڊيا کي گڏيل طور بريفنگ ڏني. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته هو ڪنهن کي پرچائڻ نه آيو آهي، جڏهن ڪير ڪاوڙ ۾ ئي ناهي ته پرچائبو ڪيئن؟ پير پاڳاري دعوت تي گهرايو هو ۽ آئون پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن ڪنگري هائوس هليو ايندو آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر عمران اسماعيل چيو ته سنڌ جو ورهاڱو پي ٽي آءِ جي ايجنڊا ۾ نه آهي، باقي جِن قومي اسيمبلي ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي، اُهي ڄاڻين. سندن موقف واضح آهي ته سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي.سنڌ کي گئس جو حق ڏيارينداسين: گورنرگورنر عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ اتحاد هيون ۽ آهن، صدر الدين شاهه سان ملاقات دوران سنڌ جي بهتري ۽ وفاق جي مامرن تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته گئس، بجلي ۽ پاڻي جي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گئس جي مامري تي سنڌ جي جائز حق لاءِ گڏ آهيون ۽ اُهو حق وٺي رهنداسين. سنڌ جي مفاد ۾ جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جو اتحاد جاري رهندو.جي ڊي اي سربراهه جون ڳالهيوناُن موقعي تي ڳالهائيندي جي ڊي اي سربراهه صدر الدين شاهه چيو ته جيستائين اسان زنده آهيو، تيستائين سنڌ جو ورهاڱو نه ٿيندو. ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ صوبي کي ورهائڻ جا خواب ڏسندڻ کي ناڪامي ٿيندي.