ڪڙيو گهنور مان کنڀيل نوجوان محفوظ نوتڪاڻي جي آزادي لاءِ نڪتل مارچ ۾ جئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سوره سنڌي جي شرڪت

ڪڙيوگهنور. کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن محفوظ نوتڪاڻي حفيظ پيرزادو عاقب چانڊيو سميت گم ڪيل 80 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪڙيوگهنور کان گولاڙچي تائين پيادل مارچ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سوره سنڌي باغي راڄپر وفا ڪاشف ڀٽو ۽ ٻين جي شرڪت احتجاجي مارچ ۾ جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري اسماعيل نوتڪاڻي سميت وڏي انگ ۾شرڪت، راهوڪي ۾ شهيد فاضل راهو جي مزار تي احتجاج ڪري دانهن ڏني وئي ۽ کنڀيل ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو