ڪڙيو گهنور شهر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اجلاس نئين باڊي چونڊي وئي

ڪڙيوگنهور:- ڪڙيوگهنور شهر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اجلاس ضلعي صدر اسلم مهيندو، حنيف جٽ، پنهل نظاماڻي ۽ ٻين جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ تعلقي گولاڙچي جي نئين باڊي چونڊي وئي، صدر هارون شيخ، خزانچي رتنو مل ۽ جنرل سيڪريٽري شاهد انصاري چونڊيا ويا، جڏهن ته يوسين جون باڊيون پڻ چونڊيون ويون.ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ عبدالستار آرائين اسلم مهيندو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي حقن جي لاءِ هميشه ميدان ۾ آهي، ڌارين جي آبادڪاري خلاف سميت سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن جي منهن تي هميشه اسان دانگي ملي آهي، سنڌ جي حقن لاءِ پارٽي کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن