ڪڏهن ڪنهن وڏيري کي ڪڻڪ گُم ٿيڻ واري معاملي تي جاچ لاءِ طلب ڪيو آهي؟ عدالت

ڪراچي :-  سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري ڪڻڪ وٺي ڪرپشن ڪرڻ واري ڪيس ۾ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊي جي نيب سکر کي طلب ڪندي چيو آهي ته عقل وڏو يا منهن؟ ڪڏهن ڪنهن وڏيري کي جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي؟سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ خوراڪ کاتي ۾ ڪڻڪ وٺي مبينا طور 40 ڪروڙ رُپين جي ڪرپشن ڪرڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري، جي ڊي نيب سکر کي طلب ڪندي کين جاچ رپورٽ ۽ ڪڻڪ پاليسي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻڌڻيءَ دوران عدالت پُڇاڻو ته ڪڏهن ڪنهن وڏيري کي ڪڻڪ گُم ٿيڻ واري معاملي تي جاچ لاءِ طلب ڪيو آهي؟ ڪجهه ماڻهو غريبن جا حق ڦٻائيندا آهن پر کانئن ڪير به نٿو پُڇي.عدالت پُڇيو ته ڇا ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۽ رڪارڊ جا رجسٽر تحويل ۾ ورتا ويا آهن.ٻڌڻيءَ دوران عدالت نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي چيو ته عقل وڏو يا منهن؟ گهربل جوابدارن جي ملڪيتن کي ضبط ڇو نٿا ڪيو؟ جوابدار ملڪيتون وڪڻڻ کانپوءِ دبئي، ڪئنيڊا ۽ پوءِ اُتان آمريڪا فرار ٿي ويندا آهن.ٻڌڻيءَ دوران خوراڪ کاتي ۽ نيب طرفان اجلاس جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 7 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.