ڪيپٽن ر صفدر جي گرفتاري تي بلاول زرداري ۽ مريم نواز وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو

ڪراچي :- نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير جي گهر آمد بعد نجي اسپتال رواني ٿي وئي، محمد زبير جي گهر ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، ڪيپٽن ر صفدر جي گرفتاري تي مشاورت ڪئي وئي، ٻئي پاسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري طرفان ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ مريم نواز اڳوڻي صدر آصف زرداري سان عيادت ڪندي، مريم نواز اڳوڻي صدر آصف زردري سان مڙس جي گرفتاري بابت صلاح مشورا ڪندي