ڪيٽي بندر ۾ لاڪ ڊائون سبب معاشي صورتحال ڀيانڪ

ڪي ٽي بندر :- ڪيٽي بندر ۾ 20 ڏينهن کان لاڪ ڊائون سبب پورهيت عوام جي معاشي صورتحال ڀيانڪ بڻجي وئي. سرڪار طرفان راشن ورهائيندڙ ڪامورا صورتحال کي وڌيڪ خطرناڪ موڙ ڏانهن ڌڪي رهيا آھن، سرڪاري ڪامورن هٿ ٺوڪيون لسٽون ٺاهيعوام آڏو موقف رکيو ويو ته لسٽون ڊي سي ٺٽو طرفان منظور ٿي آيل آھن جڏهن ته سامونڊي پٽي جو عوام بيروزگاري سبب بکون ڪاٽي انتهائي بدترين زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.