ڪينيڊا جي شهر البرٽا ۾ سنڌي ڪميونٽي ۽ ٻين تنظيمن جي سهڪار سان انڊس ويلي ڪلچرل فيسٽيول شاندار تقريب

البرٽا :- پنج هزار ورهيه آڳاٽي ۽ شاندار سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، انساني تاريخ جي ڪجهه شروعاتي تهذيبن منجهان هڪ آهي. سنڌ جي تهذيب سان تعلق رکندڙ ماڻهو يعني سنڌي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ڇو نه هجن، پنهنجي وڏڙن جي تهذيب ۽ ثقافت سان اٿاهه محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندا رهن ٿا.ڪينيڊا جي شهر ڪيلڪري ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ سنڌي ڪميونٽي آف البرٽا، پاڪستاني ڪينيڊين ڪلچرل ايسوسيئيشن، لِو فار هيومنٽي ۽ مقامي ايشين ڪميونٽي طرفان انڊس ويلي ڪلچرل فيسٽيول منعقد ڪيو ويو. ان شاندار ثقافتي ميلي ۾ مختلف ثقافتي اسٽال به لڳايا ويا، جن ۾ نه رڳو سنڌو ماٿريءَ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو پر مجموعي طور پنجابي، پختون، ڪشميري، گلگتي، بلتستاني ۽ سرائيڪي ثقافت جا رنگ پڻ ڏسڻ لاءِ مليا. تقريب ۾ پاڪستاني، ڀارتي، بنگلاديشي ۽ مقامي البرٽا ڪميونٽي جي هر طبقي سان سلهاڙيل ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي. عورتون، ٻار، نوجوان ۽ پيرسن سڀ رنگارنگ روايتي لباس پهريل نظر آيا ۽ سنڌ ماٿريءَ جي ثقافت کي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويو،جناب مشهود قاضيءَ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ ان جي تاريخي پسمنظر جي باري ۾ مختصر ڄاڻ ڏني ۽ آيل مهمانن جا ٿورا پڻ مڃيا. صوبائي وزير راجن سواهني خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. هن تقريب کي خطاب ڪندي انتظاميا ۽ رضاڪارن جي محنت جي ساراهه ڪندي چيو ته هن قسم جون تقريبون ڪميونيٽي جي اتحاد ۽ استحڪام لاءِ تمام گهڻي اهميت رکن ٿيون. هن خاص طور تقريب جي آرگنائيزرز مشهود قاضي، شوڪت حيات، اسجد بخاري، ميڪس ميمڻ ۽ تنوير تاج جا ٿورا مڃيا.سنڌي ثقافتي تقريب کي البرٽا جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر عرفان صابر،ديوندر طور ۽ محمد ياسين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ميٽ جونز پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مونکي فخر آهي ته مان اڄ انهن ماڻهن جي وچ ۾ موجود آهيان جيڪي پنج هزار سالن کان پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب جي مالڪي ڪندا پيا اچن. تقريب دوران اشيتا سنگلا جي خوبصورت راجستاني رقص ۽ گلگت سان تعلق رکندڙ لوڪ فنڪار برڪت عليءَ جي رُباب تي پرفارمنس آيل مهمانن کي ڀرپور داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هاديه قاضي ۽ سندس گروپ سنڌي لوڪ گيتن تي پرفارم ڪري ويٺلن جون دليون موهي ڇڏيون.  ڀارت مان ان پروگرام لاءِ خاص طور آيل بالي ووڊ ڳائڻي جيتن اداسي سنڌي، پنجابي، هندي ۽ اردو گيت ڳائي محفل کي پڄاڻيءَ تي منڊي رکيو.ثقافتي تقريب جي پڄاڻيءَ تي ميڪس ميمڻ آيل سمورن ماڻهن جا ٿورا مڃيا،