ڪوٽ لالو ۾ معصوم نينگري سان زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪوٽ لالو :- ڪوٽ لالو ۾ مبينا زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيل نينگري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار نينگر نويد خاصخيلي ٻارڙي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.ڪوٽ لالو ٿاڻي تي 8 سالن جي نينگري مهناز خاصخيلي جي پيءُ اقبال خاصخيلي جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جاچ دوران جوابدار نويد خاصخيلي نينگري مهناز کي زيادتي بعد رئي سان گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن جوابدار ڄاڻايل نينگر روئيندي دانهيو ته منهنجي سامهون مهناز کي سندس پيءُ قتل ڪيو آهي.آءِ جي سنڌ جي نوٽيس بعد جوڙيل جاچ ٽيم جي هدايت تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس پاران جوابدار جي ڏوهه جي اعتراف بعد ڪيئي سوال جنم وٺي رهيا آهن.