ڪوٽ غلام محمد ڀرسان اغوا ڄاڻايل هندو ناريءَ جي بازيابي لاءِ احتجاج

ڪوٽ غلام محمد :- ڪوٽ غلام محمد ڀرسان اغوا ڄاڻايل ناريءَ جي بازيابي لاءِ ۽ بااثر جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف هندو برادري طرفان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي. هندو برادري جي سڏ تي پرنيل ناري ڪويتا عرف ڪلاونتي ميگهواڙ جي بازيابي لاءِ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. اُن موقعي تي عورتون ۽ ٻار به موجود هئا. مظاهري دوران مڇريل ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏنيون ۽ اغوا ڄاڻايل ناريءَ بازياب نه ٿيڻ تي پوليس خلاف نعرا به هنيا. ڌرڻي سبب ڪوٽ غلام محمد کان سامرو، ڪُنري ۽ ميرپور خاص ويندڙ روڊ بند ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون بهيجي ويون. مظاهرين الزام هنيو ته ڪويتا کي بااثر غلام مصطفيٰ ساکاڻي، مهراڻ دل ۽ فضل محمد ساکاڻي زوري اغوا ڪري ويا آهن، اهڙو ڪيس ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس نه ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ نه ئي وري ناريءَ جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو آهي. پوليس پهچي مظاهرين کي ناريءَ جي جلد بازيابي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.