ڪوٽڙي ۾ جسقم اڳواڻن جو حميرا پنهور جي تذليل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڪوٽڙي :-  دادو، ڦلجي اسٽيشن جي ڳوٺ ٻڍو پنهور ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي حميرا پنهور جي تذليل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام جي اڳوڻي ۾ ڪوٽڙي شهر جو گشت ڪري ڪوٽڙي پريس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي جسقم مرڪزي پريس سيڪريٽري ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي نياڻي حميرا پنهور جي تذليل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نياڻي جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ حراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. مظاھري کي خالق مهراڻ، آصف ميراڻي، هوشو شيخ، ممتاز ڳورڙ، لالو جويو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.