ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي اڳواڻ کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعو ذاتي دشمنيءَ جو نتيجو قرار

ڪوٽڙي :- ڪوٽڙي ۾ هٿياربندن ايس يو پي اڳواڻ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ٽي بي اسپتال اڳيان اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ايس يو او ضلعي ڄامشورو جي جنرل سيڪريٽري ممتاز ممتاز ڳورڙ کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهتي ۽ لاش تعقه اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد ايس يو پي اڳواڻ جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته ايس يو پي اڳواڻ جي پُٽ 4 مهينا اڳ ميهڙ ۾ پسند جي شادي ڪئي، جنهن کانپوءِ ناريءَ جي وارثن طرفان مسلسل ڌمڪيون ڏنيون پئي ويون. ايس يو پي اڳواڻ جي والد محب علي ڳورڙ چيو آهي ته سندس پُٽ ممتاز کي غلام دستگير ڳورڙ جي چرچ تي مجاهد ڳورڙ، بهادر ڳورڙ ۽ قمر الدين ڳورڙ مٿس قتل ڪيو آهي.ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته، شروعاتي جاچ موجب واقعو ٻن ڌُرين ۾ ذاتي دشمنيءَ جو لڳي ٿو. ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.