ڪوٽڙي ۾ ايس ايو پي اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ قومپرست جماعتن جو احتجاج

ڪوٽڙي :- ڪوٽڙي ۾ ايس ايو پي اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ قومپرست جماعتن سان گڏ شهري توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن احتجاج ڪيو آهي. ايس يو پي جي ضلعي جنرل سيڪريٽري ممتاز ڳورڙ جي قتل کي 13 ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. وڏي تعداد ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ بئنر توڙي پلي ڪارڊ کڻي پيادل مارچ ڪيو، جنهن کانپوءِ اوور هيڊ برج تي ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين قتل ڪيس جا جوابدار پڪڙ ۾ نه اچڻ تي پوليس خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. احتجاج ۾ جسقم، قومي عوامي تحريڪ، انڊس فورم، سڌ اسلامڪ سوسائٽي ۽ ٻين جماعتن جي ڪارڪنن به شرڪت ڪئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ممتاز ڳورڙ جو قتل ۽ جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ مان ثابت ٿيو ته هتي بدامني چوٽ چڙهيل آهي. اڳواڻن ايس يو پي اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث سمورا جوابدار جلد گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ احتجاجن جو به چتاءُ ڏنو. احتجاج دوران مقتول ممتاز ڳورڙ جي والد محب ڳورڙ دانهيو ته سندن ٻچي جي قتل تي گهر ۾ ماتم آهي، پر پوليس رڳو خانا پوري ۾ رُڌل آهي. سندس پُٽ جي قاتلن کي فوريءَ طور گرفتار ڪري ڦاهيءَ تي چاڙهي وڃيو. هُن چيو ته ايس ايس پي ڄامشورو سوڌو ٻين پوليس اهلڪارن دلاسا ڏنا، تڏهن به سمورا جوابدار پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيا آهن.