ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گھربل پاڻي نه اچڻ ڪري ساحلي علائقن جون 30 قدرتي ڍنڍون سامونڊي ويرن جي ور چڙھي تباھ ٿي ويون

سجاول :- سجاول جي ساحلي پٽي جون 30 ڍنڍون سمنڊ جي ور چڙھي ويون، مڇين جا 12 قسم اڻلڀ ٿي ويا آھن، قدرتي ماحول ۽ جاندارن جي کاڌي جي سلسلن کي نقصان، ان ڏس ۾ گذريل 3 ڏھاڪن کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گھربل پاڻي نه اچڻ ڪري ساحلي علائقن جون 30 قدرتي ڍنڍون سامونڊي ويرن جي ور چڙھي تباھ ٿي ويون آھن، جن ۾ 6 ھزار ايڪڙن تي ٻڌل سجاول ضلعي جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ پيڻن واري مڪمل سمنڊ اندر اچي وئي آھي. لڄاڻو ڍنڍ، وينگار ڍنڍ، ماڻٺي ڍنڍ، ڪوري، لاھن واري، چر ٻر، جھٻو، ڇڇ، گڏاپ، رپڙ، ڪڙ، ڇاڻ، سانڀيڙ ڍنڍ، ڍانگ، ويڪئي، چوپٽي، ونئڻ ڍنڍ، کڏي، ڪاجري، تل، جھم، انڍو، سور ھڏي، فانڊو، پٽيجي، گھاڙي، شيخاڻي، شڪور ڍنڍ ۽ نريڙي ڍنڍ به سمنڊ اجاڙي ڇڏي.ڍنڍن جي تباهي سبب قدرتي ماحولياتي نظام کي نقصان رسڻ ڪري مڇين جا 12 نسل اڻلڀ ٿي ويا آھن، جن ۾ گوج، بونھڻ، ڳانير، پوپري، لوڙھ، ڪنگ، ڀون ڦاڙ، گندڻ، دانر، ڏنديو، گلو، مور مڇي شامل آھن.جھنگلي جيوت، فشريز کاتي توڙي ماحوليات کاتي ڪو به نوٽيس نه ورتو ماحولياتي بگاڙ توڙي مڇين جي نسلن جي خاتمي بابت نه ڪو اڀياس ڪرايو ويو آھي ۽ نه ئي ڪي اپاء ورتا ويا آھن. هوڏانهن فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ نور محمد ٿھيمور شھرين عبدالغني راھمون، اڪبر زنگيجو، عاجز امان الله چانڊيو، محمد ٻارڻ، عثمان ملاح ۽ ٻين چيو ته ماڃر جو علائقو قدرتي پاڻين سبب سنڌ ۾ مشھور ھو پر لڳاتار دريا م پاڻي نه اچڻ سبب سمنڊ جي کاري پاڻي جر توڙي خشڪي کي لپيٽ ۾ آڻي ڪيتريون ئي ڍنڍون اچي چڪو آھي جنھن ڪري قدرتي ڍنڍن ۾ ملندڙ مڇين جا 12 نسل ختم تي چڪا آھن.