ڪوٽڙي مان کنڀجي ويل قومپرست اڳواڻ ظاهر نه ٿيا، ڌرڻو

ڪوٽڙي:- ڪوٽڙي مان کنڀي گم ڪيل چئن قومپرست اڳواڻ ظاهر نه ٿي سگهيا، ڪوٽڙي ۾ قومپرست پارٽي جي ڪارڪنن ۽ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻن جي وارثن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي اڳواڻن کي ظاهر ڪري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي، ڪوٽڙي مان هڪ ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل جست اڳواڻ فتاح چنا، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، هادي بڙدي ۽ افضل احمد جي آزادي لاءِ سندن عزيزن ۽ مختلف سياسي تنظيمن پاران المدينا چوڪ کان ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي آڏو پهچي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ ننڍا ٻار به شامل هئا، احتجاج جي اڳواڻي جست اڳواڻ فتاح چنا جو وڏو ڀاءُ منير چنا، ايس يو پي جو ممتاز ڳورڙ، سوجهرو سنڌي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.  عبدالفتاح چنا جي ڀاءُ منير چنا احتجاج ڪندي چيو ته جن به منهنجي بي گناھ ڀاء کي کنڀي گم ڪيو آهي انهن کي مري خدا آڏو جواب ڏيڻو آهي  منهنجو ڀاءُ کي بي گناھ کنڀيو ويو آهي کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي. ايس يو پي جي اڳواڻ ممتاز ڳورڙ چيو ته کنڀي گم ڪيلن تي اگر ڪو ڪيس آهي ته انهن کي پاڪستان جي آئين موجب ڪورٽن جي حوالي ڪيو وڃي. فتاح چنا ,ديدار شام,عبدالهادي ٻرڙو ۽ ٻين قوم پرست اڳواڻن جي کنڀي گم ڪرڻ جي مزمت ڪيون ٿا ,ملڪ جو آئينو اظهار جي آزادي جو هر شهري کي حق ڏئي ٿو پوء ڇا اها آزادي به بند ڪئي ويندي اهو عمل غلط آھي,ليکڪ سوجهري سنڌي چيو ته عبدالفتاح چنا,عبدالهادي بڙدي کان پوء ڪوٽڙي واسي جسقم اڳواڻ ديدار شام به ڪالھ کان لاپتا آهي ان کي به کنڀي گم ڪيو ويو آهي هن ملڪ ۾ مظلوم ماڻھو پاڻ سان انصاف جي ڳالھ ڪن ٿا ته غدار قرار ڏئي کنڀيا وڃن ٿا جيڪو عمل غلط آھي, ڪوٽڙي ۾ ٿيل احتجاجي مظاهري ۾ مظاهرين ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل مسعود شاه جي آزادي جو به مطالبو ڪيو. احتجاجي ريلي کي جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳوڻ عبدالخالق خاصخيلي ۽ فتاح چنا جي پٽ نبيل چنا به خطاب ڪيو ۽ فتاح چنا سميت سمورن کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.