ڪوٽڙي قرنطينا سينٽر تي عدالتي ڇاپو، 6 ڏينهن کان رکيل 53 ڄڻن جي اسڪريننگ نه ٿي سگهي

ڪوٽڙي :- ڪوٽڙي قرنطينا سينٽر تي عدالتي ڇاپو، 6 ڏينهن کان رکيل 53 تبليغين جي اسڪريننگ نه ٿي، کاڌ خوراڪ سميت ڪابه سهولت مهيا نه ڪئي وئي، جج پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، رپورٽ موجب ڪوٽڙي ۾ سائيٽ ايريا جي قرنطينا سينٽر تي منتقل ڪيل سيوهڻ مان 31 ۽ ڪوهستان جي علائقي سنڌڙي مان 22 تبليغين جي 6 ڏينهن گذرڻ باوجود به اسڪريننگ ۽ سهولتون فراهم نه ٿيڻ جي شڪايتن تي ڪوهستان جي مقامي جماعيتن پاران سيشن جج منو مل کڳيجا کي ڏنل درخواست تي سيشن جج جي حڪم تي فرسٽ سول جج ون ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ اياز علي قريشي قرنطينا سينٽر جو دورو ڪري ڪرونٽائين ڪيل 53 تبليغين کان معلومات ورتي، تبليغين کيس ٻڌايو ته اسان کي وقت تي نه ته کاڌ خوراڪ ملي ٿي نه ئي هتي ڪنهن به قسم جي صفائي سٿرائي جو انتظام ٿيل آهي جڏهن ته اڃا تائين اسان جي ٽيسٽ به ناهي ڪرائي وئي، صفائي سٿرائي جا ناقص انتظام ۽ تبليغين جون دانهون ٻڌي جج موجود ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي سي ڄامشورو فريد مصطفيٰ، ايس ايس پي امجد شيخ ۽ ڊي ايڇ او مشتاق سولنگي کي سڀاڻي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جج سينٽر جي دوري دوران انتظاميا کان پڇاڻو ڪيو ته هڪ هفتي تائين رکڻ بعد به جيڪر اوهان هنن جي اسڪريننگ به ناهيو ڪري سگهيا ته پوء هن نالي جي سينٽر جو ڪهڙو فائدو؟ هن چيو ته کاڌ خوراڪ جو جوڳو بندوبست به ڇو ناهي ڪيو ويو. ٻئي طرف ڊي ايڇ او ڄامشورو مشتاق سولنگي ٻڌايو ته هن وقت ڪوٽڙي سينٽر ۾ 53 تبليغي ڪرونٽائين ڪيل آهن جن کي کاڌ خوراڪ ۽ صفائي سٿرائي جي ذميواري ڊي سي جي آهي جڏهن ته ڊاڪٽرن سميت سمورو ميڊيڪل عملو اسان جو مهيا ڪيل آهي پر اسان وٽ ايترا پئسا ئي ناهن جو سمورن ماڻهن جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ ڪرائي سگهون. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان ڪوٽڙي جي قرنطينا سينٽر جي سمورن انتظامن ۽ امڪاني مريضن جي اسڪريننگ لاءِ 60 لک روپين جي رقم جاري به ٿي چڪي آهي پر سينٽر تي ان حوالي سان ڪي به جوڳا انتظام نظر نٿا چن، ڊي سي زباني حڪمن تي ميونسپل ٻولهاڙيء کي صفائي سٿرائي ۽ ٻين انتظام ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو آهي جڏهن ته اسڪريننگ نه ٿيڻ توڙي موجود امڪاني مريضن کي کاڌ خوراڪ نه ڏيڻ جي حوالي سان ڊي سي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪئي.