ڪوٽڏيجي ڀرسان جن ڪڍڻ بهاني ڀوپي ناري کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو

ڪوٽڏيجي :- ڪوٽڏيجي ڀرسان جن ڪڍڻ بهاني جعلي ڀوپي نوجوان ناري کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو، ڀوپو فرار ٿي ويو، وارثن جو احتجاج، ڳوٺ لياري اسٽاپ ڀرسان جن ڪڍڻ بهاني21 ورهين جي نوجوان ناري خانزادي بڙدي ڌيءَ خان محمد بڙدي کي جعلي ڀوپي جان محمد عرف جواڻ گوپانگ سخت تشدد ڪري اُڦٽ ماري ڇڏيو، بڙدي برادري جي ماڻهن نوجوان ناري خانزادي بڙدي ڌيءَ خان محمد بڙدي کي جن هجڻ جي شڪ ۾ ڀوپي جان محمد عرف جواڻ گوپانگ وٽ ڇوڪري آندي، ڀوپي ناري کي جن هجڻ جو جواز ڄاڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، تشدد دوران ناري خانزادي فوت ٿي وئي، واقعي کانپوءِ ڀوپو فرار ٿي ويو، ڪوٽڏيجي پوليس ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڪوٽڏيجي سول اسپتال آندو، پوسٽ مارٽم بعد ناري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، اسپتال ۾ ناري وارثن والد خان محمد ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڀوپي جان محمد عرف جواڻ گوپانگ اسان سان ظلم ڪيو آهي، اسان جي ڇوڪري کي اسان جي اکين سامهون سخت تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.