ڪويتا اوڏ کي جوڊيشل مئجسٽريٽ سول جج عدالت ۾ پيش, 24 ڪلاڪن لاءِ سيف هائوس منتقل

تنگواڻي  := تنگواڻي مان مبينا طور اغوا بعد بازياب ڪرايل 13 سالن جي شاگردياڻي ام حنا عرف ڪويتا اوڏ کي جوڊيشل مئجسٽريٽ سول جج منور علي پيرزادو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان دوران سڪيورٽي جا سخت انتظامه ڪيا ويا ويا، ڪويتا اوڏ جي وارثن جي وڪيل عبدالحميد چاچڙ جي درخواست تي نينگري جي حراسيل هجڻ واري درخواست 24 ڪلاڪن بعد نينگري جي بيان رڪارڊ ڪرڻ جي درخواست تي عدالت نينگري کي سيف هائوس منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪويتا جي وارثن جي وڪيل عبدالحميد چاچڙ ٻڌايو ته هُن عدالت ۾ درخواست ڪئي ته نينگري حراسان ٿيل آهي، ذهني دٻاءُ ۽ ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب اڄ بيان نٿو ٿي سگهي، هوڏانهن نينگري جي وڪالت لاءِ وڪالت نامو جمع ڪرائيندڙ ٻئي مخالف وڪيل ٻڌايو ته نينگري انڊر آف دي رڪارڊ مسلمان ٿيڻ جو بيان ڏنو هو، اڄ اسٽيٽمينٽ رڪارڊ ٿي وڃي ها پر ڪيس جا جوابدار پيش نه ٿيڻ سبب بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيا، عدالت جي حڪم بعد نينگري کي 24 ڪلاڪن لاءِ سيف هائوس ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو ويو آهي