ڪوريا حڪومت جي سهڪار سان سکر ۾ ٻارڙن جي اسپتال ٺاهڻ جي منظوري

ڪراچي  :- سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪوريا جي وفد ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ سکر، لاڙڪاڻي ۽ سجاول لاءِ اسپتالن جي منظوري ڏني وئي. ڪراچي ۾ سي ايم هائوس ۾ ڪوريا جي وفد وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بان ڪورا، يو ايم سنگ يونگ، ڪوهه مايونگ سيونگ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا.  ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪوريا جي سهڪار سان سکر ۾ چلڊرين هيلٿ ڪيئر انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويندو، ان پراجيڪٽ تي 57ڏهائي 274 ملين خرچ ٿيندا.  ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سکر ۾ ٻارن جي اسپتال جي اهم ضرورت آهي، سکر ناردرن سنڌ ۽ بلوچستان جو سينٽر آهي. سي ايم هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران وڏي وزير ڪوريا جي سهڪار سان لاڙڪاڻي ۽ سجاول ۾ اسپتال ٺاهڻ جي منظوري ڏني، جن جي تعمير جلد شروع ڪئي ويندي.