ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 ڄڻا فوت، 2 هزار 162 ماڻهن ۾ وائرس هئڻ جي تصديق

اسلام آباد/پشاور/ڪوئيٽا/ڪراچي :- ملڪ ۾ چوويهه ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب 67  ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويٺا آهن، جنهن بعد  فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 386 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن سينٽر موجب  2 هزار 165 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 2 لک 55 هزار 769 تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ لک 7 هزار 773، پنجاب ۾ 88 هزار 45 ، ڪي پي ۾ 31 هزار هڪ، بلوچستان ۾ 11هزار 239 ڪيسن جي تصديق وئي آهي. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ 14هزار 315 گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 708 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزا 688 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ترجمان موجب چويهه ڪلاڪن دوران 61 ڄڻا اسپتال ۽ 6 ڄڻا گهرن ۾ فوت ٿيا آهن. هن چيو ته  سنڌ ۾ هڪ هزار 863، پنجاب ۾ 2 هزار 23، ڪي پي ۾ هڪ هزار 114، بلوچستان ۾ 127، اسلام آباد ۾ 155، گلگت بلتستان ۾ 38، ۽ آزاد ڪشمير ۾ 46 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. اين سي او سي جو چوڻ آهي ته 3 هزار 727 ڪورونا جا متاثر اسپتالن ۾ داخل آهن