ڪورونا وگهي وڌيڪ 116 ڄڻا فوت، 5076 نوان ڪيس، انگ هڪ لک 51 هزار 953 ٿي ويو

In this Thursday, Feb. 6, 2020, photo, medical workers move a man into the isolation ward for 2019-nCoV patients at a hospital in Wuhan in central China's Hubei province. The number of confirmed cases of the new virus has risen again in China on Saturday, Feb. 8, 2020, as the ruling Communist Party faced anger and recriminations from the public over the death of a doctor who was threatened by police after trying to sound the alarm about the disease over a month ago. (Chinatopix via AP)

اسلام آباد:-  ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 116 ڄڻن جي حياتي ڳڙڪائي ويو، جنهن بعد فوتين جو انگ 29 سئو ۽ 5076 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ هڪ لک 51 هزار 953 تائين پهچي ويو، پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1740 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 50 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 1081 ٿي ويو جڏهن ته مريضن جو انگ 55 هزار 878 ٿي ويو آهي، هوڏانهن سنڌ ۾ 2287 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 33 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن بعد فوتين جو انگ 886 ٿي ويو جڏهن ته 2287 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ 57 هزار 868 ٿي ويو آهي، هوڏانهن اسلام آباد ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 288 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، اهڙي طرح آزاد ڪشمير ۾ 16 نوان مريض سامهون آيا آهن، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 24 ڄڻن کان حياتي کسي ورتي، جنهن بعد فوتين جو انگ 731 ٿي ويو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ 635 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ 19107 ٿي ويو آهي، بلوچستان ۾ 110 ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ 89 ۽ مريضن جو انگ 8437 ٿي ويو آهي، هوڏانهن گلگت بلتستان ۾  وڌيڪ 21 مريض سامهون آيا آهن، جنهن بعد متاثرن جو انگ 1164 ٿي ويو آهي.