ڪورونا وگهي ملڪ ۾ وڌيڪ 166 ڄڻا فوت، ڪراچي جون 41 يوسيون سيل، ٻين شهرن ۾ به سمارٽ لاڪ ڊائون

اسلام آباد/پشاور/ڪوئيٽا/ڪراچي :-  پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سان وڌيڪ 166 فوتگيون ۽ 5 هزار 235 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. تازين فوتگين ۽ ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو ڪُل انگ هڪ لک 62 هزار 973  ۽ فوتين جو گڏيل انگ 3 هزار 159  تي پهچي ويو آهي.سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي وڌيڪ 2 هزار 286 ڪيسن جي تصديق سان گڏوگڏ 48 فوتگيون به رپورٽ ٿيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موجب هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 11 هزار 44 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2 هزار 286 ڪيس سامهون آيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو ڪُل انگ 62 هزار 269 ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 48 مريضن جي لاڏاڻي کانپوءِ سنڌ ۾ فوتين جو گڏيل انگ 964 تي پهچي ويو آهي.پنجاب ۾ خميس ڏينهن 1899 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ 53 فوتگيون پڻ سامهون آيون. سرڪاري سطح تي انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران نون ڪيسن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 60 هزار 138 ٿي ويو آهي. اهڙي ريت گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 53 مريضن جي لاڏاڻي کانپوءِ صوبي ۾ فوتين جو ڪُل انگ 1202 ٿي ويو آهي.خيبر پختونخواهه ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪورونا جي 569 نون ڪيسن جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 20 هزار 182 ٿي ويو آهي. ڪي پي ۾ وائرس سان وڌيڪ 18 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 773 ٻڌايو ويو آهي.اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي نون ڪيسن کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 9 هزار 637 ٻڌايو ويو آهي. انگن اکرن موجب شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 395 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي تخت گاهه ۾ هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 4 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ شهر ۾ فوتين جو گڏيل انگ 94 ٿي ويو آهي.گلگت بلتستان ۾ خميس ڏينهن ڪورونا جي 49 نون ڪيسن سان گڏوگڏ هڪ فوتگي جي به تصديق ٿي. گلگت ۾ ڪورونا سان متاثرن جو گڏيل انگ هڪ هزار 213، جڏهن ته وبا سان فوت ٿيندڙن جو انگ 18 ٿي ويو آهي.آزاد ڪشمير ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 37 نون ڪيسن ۽ 2 فوتگين جي تصديق ٿي آهي. انگن اکرن موجب نون ڪيسن کانپوءِ آزاد ڪشمير ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 740 ۽ فوتين جو انگ 15 ٿي ويو آهي. هوڏانهن سنڌ ۾ ڪورونا کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون کي سخت ڪيترن ئي علائقن کي سيل ڪيو ويو آهي.سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي 41 يوسين کي ٻن هفتن لاءِ سيل ڪرڻ لاءِ ڪمشنر پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.سيل ڪيل علائقن ۾ قيوم آباد، ماڊل ڪالوني، الفلاح، ملير هالٽ ۽ ڪينٽ بازار ۾ لاڪ ڊائون هوندو، لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ کارادر، ليمارڪيٽ، صدر شامل آهن.نوٽيفڪيشن موجب سيل ڪيل علائقن ۾ برنس روڊ، اردو بازار، آگرا تاج، بهادر آباد، گلشن اقبال جا پنج بلاڪ، گلستان جوهر جا ٻه بلاڪ، صفوران، طارق روڊ، گلشن حديد، جعفر طيار، گلبرگ ۽ ٻيا علائقا شامل آهن.نوٽيفڪيشن جاري موجب ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي ۽ واپاري سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي آهي.حڪم نامي موجب کاڌي پيتي جي سامان ۽ ميڊيڪل اسٽور شام ستين وڳي تائين کليل رهندا، گهر جي هڪ ماڻهوءَ کي سامان جي خريداري جي اجازت هوندي.حيدرآباد ۾  سڀاڻي کان متاثر علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو، جنهن بابت انتظاميه طرفان شهرين کي آگاهي ڏني وئي.لاڪ ڊائون شروع ڪرڻ جي حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد گدا حسين سومري تعلقي ۾ عوام جي آگاهي لاءِ گاڏين تي لائوڊ اسپيڪر وسيلي اعلان ڪرايا ويا. اي سي قاسم آباد تعلقي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ضلعي انتظاميه جي حڪمن تي عمل ڪن ٻي صورت ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف  قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.ٽنڊي الهيار ضلعي ۾ ڪورونا پکيڙ روڪڻ لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويو.لاڪ ڊائون جي اعلان بعد پوليس شهر ۾  ڪاروباري مرڪز بند بند ڪرائي ڇڏيا آهن.شهر جي رستن تي پوليس جون چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز جو گشت جاري آهي.انتظاميه موجب ايس او پيز تحت کير ۽ سبزين جا دڪان کليل هوندا.نوابشاهه ضلعي انتظاميه طرفان ڪورونا متاثر علائقا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ضلعي انتظاميه موجب نوابشاهه شهر ۽ سڪرنڊ جا ڪجهه علائقا رات 12 کانپوءِ بند  ڪيا ويندا.انتظاميه موجب ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد متاثر علائقن کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.عمر ڪوٽ ضلعي ۾ انتظاميه طرفان متاثر علائقن کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو .ڊپٽي ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾  ايس ايس پي عمر ڪوٽ عامر عباس شاهه سميت ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جن علائقن ۾ ڪيس وڌيڪ ظاهر ٿين، انهن کي سيل ڪيو ويندو.ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته شهر ۾ ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.