ڪورونا وبا: سنڌ ۾ اسڪول، تفريحي هنڌ، سئنيما ۽ هوٽلون ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: = سنڌ ۾ ڪورونا وبا جي شرح ۾ هڪ دفعو بيهر واڌ کان پوءِ حڪومت تعليمي ادارا، تفريحي هنڌ ۽ هوٽلن ۾ انڊور ڊائننگ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا جي صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحت کاتي طرفان اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو  ته گذريل ڏينهن 16 هزار 262 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ 1201 ڪيسز سامهون آيا اهڙي طرح صوبي ۾ نون ڪيسز جي شرح 7.4 سيڪڙو ٿي وئي آهي. 13 جولاءِ تي ڪراچي ۾ نون ڪيسز جي شرح 17.11 سيڪڙو هئي هفتيوار رپورٽ موجب ضلعي شرقي ۾ 21 سيڪڙو، ڏکڻ ۾ 15، وچ ۾ 12 ۽ ڪورنگي ۾ ڪيسز جي شرح 8 سيڪڙو آهي.بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ گذريل هڪ هفتي دوران مختلف قسمن جا 356 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. يوڪي ويرنٽ جا 92، ڏکڻ آفريقا جا 162، برازيل جا 29، ڀارت جا 66، پي ون ڪي 3 ۽ وائلڊ ٽائپ جو هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي. هينئر تائين ويڪسين جون 58 لک 70 هزار 991 خوراڪون مليون آهن جن مان هينئر تائين 44 لک 65 هزار 908 خوراڪون استعمال ٿي چڪيون آهن. اجلاس جي دوران سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 5 سيڪڙو کان ڪورونا ڪيسز وڌيا ته اها خطرناڪ صورتحال آهي.ڪراچي ۾ صورتحال ڪافي خراب آهي. اجلاس ۾ هوٽلن ۾ انڊور ڊائننگ خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات کان جڏهن کان تفريحي پارڪ، واٽر پارڪ، سي ويو، هاڪس وي ۽ ڪينجهر جهيل جمعي کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه اٺين ڪلاس جي شاگردن لاءِ اسڪول جمعي کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته نائين ڪلاس ۽ ان کان وڌيڪ جي لاءِ تعليمي ادارا امتحانن کان پوءِ بند ٿي ويندا