ڪورونا وائرس کي گڏيل عالمي سهڪار سان ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي : بلاول زرداري

ڪراچي :- پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي گڏيل عالمي سهڪار سان ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، عالمي طاقتون پنهنجو رويو تبديل ڪن، جيڪي غريب ملڪ آهن، انهن جي مدد ڪن، وفاقي حڪومت ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان صوبن جي مدد گهٽ ڪري رهي آهي. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا جي صورتحال بابت عالمي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان ڪورونا سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته اسان وٽ اهڙو صحت جو نظام نه آهي جو انهيءَ وائرس جو مقابلو ڪري سگهون، اسان لاڪ ڊائون ۽ هڪٻئي کان پري رهي هن وبا کان ڇٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته، اٽلي ۾ به برطانيا جو صحت جو نظام ڪورونا جي پکڙجڻ سبب ويهجي ويو آهي، اسان وٽ ته اٽلي ۽ برطانيا جي ڀيٽ صحت جو نظام تمام گهڻو ڪمزور آهي. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته، جيڪڏهن ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙيو ته اسان جي صحت جو نظام ويهجي ويندو. هن چيو ته، اپوزيشن وفاقي حڪومت کي گڏيل ڪوششون کڻڻ جي آڇ ڪئي آهي، افسوس آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سست رفتاري سان قدم کڻي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، صوبا پنهنجي پنهنجي وسيلي آهر ڪم ڪري رهيا آهن، صوبن کي وفاق جي تمام گهٽ مدد ملي رهي آهي. هن چيو ته، ڪورونا وائرس کان ڇٽڪارو گڏيل عالمي سهڪار سان حاصل ڪري سگهجي ٿو، عالمي طاقتن کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، اڄ به ايران تي پابنديون آهن، جتي ماڻهو ڪورونا وگهي مري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت موجوده صورتحال دوران به واريل ڪشمير کي بند ڪيو ويٺو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته، والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون آهي ۽ ماڻهن وٽ سهولتون نه آهن. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته، امير ملڪن کي گهٽ وسيلا رکندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي، غريب ملڪن وٽ ايترا وسيلا نه آهن، جو اهي ڪورونا جو مقابلو ڪري سگهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، امير ملڪن کي صحت جي سهولتن جي حوالي سان دنيا ۾ منصفاڻي ورڇ ڪرڻي پوندي…