ڪورونا وائرس: چين ۾ فوتين جو انگ 722 ٿي ويو فوتين ۾ اڪثريت وهان شهر سان تعلق رکندڙن جي آهي، آمريڪا طرفان 10 ڪروڙ ڊالرز امداد جو اعلان

بيجنگ : چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 722 تائين پهچي ويو آهي، چين جي نيشنل هيلٿ ڪميشن موجب وڌيڪ 86 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، متاثر ماڻهن جو انگ 34 هزار 546 تائين پهچي ويو آهي، ڪورونا وائرس سبب چين ۾ فوتين جو انگ 722 ٿي ويو آهي، جن ۾ وڏي انگ جو تعلق وبا پکڙجڻ جو سبب بڻجندڙ صوبي هوبئي جي شهر وهان سان آهي، چيني عملدار ڪيترن ئي سالن کان پبلڪ هيلٿ سسٽم ۾ خدمتون سرا نجام ڏيندڙ وينگ هيشنگ کي صوبائي ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر مقرر ڪيو آهي جيڪو ڪورونا وائرس جي تدارڪ لاءِ ڪم ڪندو.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين ۽ ڪورونا وائرس سبب متاثر ٻين ملڪن جي امداد جي لاءِ 10 ڪروڙ ڊالرز امداد جو اعلان ڪيو آهي، ياد رهي ته 2002-03 ۾ سارس جي ڪري چين ۾ تقريبن 650 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته ان وائرس سبب دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به 120 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.