ڪورونا وائرس وگهي مرندڙن جو انگ 371 ٿي ويو

بيجنگ:- چين ۾ پراسرار ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 67 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 371 ٿي ويو آهي.چيني اختيارين موجب، 56 ماڻهو وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبي هوبئي ۾ فوت ٿيا، جڏهن ته چونگ چنگ ۾ هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو.چيني اختيارين موجب، ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي 371 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 28 سئو 29 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثرن جو انگ 17 هزار 205 ٿي ويو آهي.ٻئي پاسي وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ اوڀر چين جي شهر وين زو ۾ اچن وڃن تي پابندي مڙهي وئي آهي.وين زو شهر جا روڊ رستا بند ڪري شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪورونا وائرس سبب فلپائن ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته وائرس 27ملڪن ۾ رپورٽ ٿي چڪو آهي.چين کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي 149 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي، جاپان ۾ ٻي نمبر تي 20 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ٿائي لينڊ ۾ 19 ۽ آمريڪا ۾ 9 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ڪئي ويئ آهي.فرانسيسي اختيارين جو چوڻ آهي ته چيني شهر ووهان مان فرانس موٽندڙ 20 ماڻهن ۾ وائرس جون نشانيون ظاهر ٿيون آهن، جنهن بعد متاثرن ماڻهن کي ڌار ڪري رت جا جذا ورتا ويا آهن.