ڪورونا وائرس سٽيل سعودي عرب مان 10 هزار 660 پانڌيئڙا به سنڌ پهچڻ جو انڪشاف

ڪراچي :- ڪورونا وائرس سٽيل ملڪ سعودي عرب مان 10 هزار 660 پانڌيئڙا به سنڌ پهچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پانڌيئڙن سان فوري رابطو ڪرڻ جو حڪم. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان جُڙيل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ اپائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آگاهي دوران انڪشاف ٿيو آهي ته ڪورونا سٽيل ملڪ سعودي عرب مان به 10 هزار 660 پانڌيئڙا سنڌ واپس آيا آهن. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته اُنهن پانڌيئڙن سان فوري طور رابطي ڪري گهر ۾ ئي رهڻ جي هدايت ڪئي وڃي، جِن پانڌيئڙن ۾ ڪورونا جون علامتون نظر اچن، اُنهن جي فوري طور ٽيسٽ ڪرائي وڃي.
وڏي وزير جي هدايت بعد سعودي عرب مان سنڌ پهتل پانڌيئڙن جا نمبر هٿ ڪري گهر ۽ آئيسوليشن ۾ رهڻ جا پيغام موڪليا پيا وڃن. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ماڻهن جي واپسيءَ جو انگ وڌي رهيو آهي، تنهن ڪري ٽيسٽ جون سهولتون به وڌائڻيون پونديون.
ٽاسڪ فورس جي اجلاس کي بريفنگ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ايران مان 44 زائرين غيرقانوني طور تربت آيا، جنهن تي وڏي وزير ڊي سي قمبرشهدادڪوٽ کي هدايت ڪئي ته کين سکر منتقل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ مارڪيٽ ۽ ڪجهه واپارين حڪومت جَي قدمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته پوليس ڏيڍ سئو ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، وڏي وزير پوليس تي ريسٽورنٽس بند ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان ريسٽورنٽ اندر کائڻ پيئڻ تي پابندي لڳائي آهي، آرڊر کڻي وڃڻ جي مڪمل اجازت آهي. انهن ريسٽورنٽس کي کوليو وڃي ۽ جيڪي مالز بند آهن ۽ اتي ريسٽورنٽس آهن ته اهي بند هجڻ گهرجن.