ڪورونا وائرس سبب چين ۾ ڦاٿل سنڌي شاگردن مان هڪ وڌيڪ شاگرد ڏيهه پهچي ويو

شاهپور جهانيان : ڪورونا وائرس سبب چين ۾ ڦاٿل سنڌي شاگردن مان وڌيڪ هڪ شاگرد ڏيهه پهچي ويو. چين جي ووهان يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ شاهپورجهانيان جي ڳوٺ مقيم ڏاهري واسي شاگرد وحيد عمراڻي پنهنجي مدد پاڻ تحت واپس اچي ويو، جڏهن ته چين جي هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ دولتپور لڳ ڳوٺ ننگر مڪان واسي زين العابدين ڏاهري سميت چين جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ ڪيترائي سنڌي شاگرد اڃا تائين اتي ڦاٿل آهن، جيڪي پاڪستاني سرڪار کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته کين جلد ڏيهه واپس گهرايو وڃي پر هيل تائين سرڪار انهن جي واپسي لاءِ ڪي به قدم ناهي کنيا.