ڪورونا وائرس جي شڪ سبب 24 ڪلاڪ نگراني شاگرد شاهزيب راهوجو جي نڪ ۽ وات مان رت وهڻ سبب حالت خراب ٿي وئي هئي، ساڻس گڏ آيل 2 ڄڻا به آئسوليشن وارڊ ۾ آهن

خيرپور: چين کان پيرڳوٺ پهچڻ بعد حالت خراب ٿيڻ تي شاگرد کي گمس جي آئيسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. چين جي يونيورسٽيءَ ۾ پيرڳوٺ واسي شاگرد شاهزيب راهوجو ڪورونا وائرس جي پکيڙ سبب 3 ڏينهن اڳ ڏيهه واپس پهتو هو. گذريل ڏينهن پيرڳوٺ ۾ شاگرد جي حالت شديد کنگهه سوڌو نڪ ۽ وات مان رت وهڻ سبب خراب ٿي وئي هئي. صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو جي نوٽيس وٺڻ بعد صحت کاتي جون اختياريون حرڪت ۾ اچي ويون. نوجوان کي گذريل ڏينهن پهرين خيرپور جي سول اسپتال نيو ويو، جتي ڪورونا وائرس بابت ٽيسٽ لاءِ ڪِٽس نه هجڻ سبب نوجوان کي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.گمس جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي شڪ سبب شاگرد شاهزيب کي آئيسوليشن وارڊ ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته ساڻس گڏ آيل 2 ڄڻا به آئسوليشن وارڊ ۾ آهن، سندن اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شاگرد جي 24 ڪلاڪ نگراني ڪئي پئي وڃي.شاگرد شاهزيب راهوجو کي آئيسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪرڻ بعد اسپتال ايندڙ ماڻهن کي ماسڪ پائي اچڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته آئسوليشن وارڊ ٻاهران مقرر پوليس اهلڪارن کي به ماسڪ پارايا ويا آهن.شاگرد کي اسلام آباد وڃڻ کان روڪيو ويوذريعن جو چوڻ آهي ته پيرڳوٺ واسي شاگرد کي ڪورونا وائرس جي شڪ سبب اسلام آباد نيو پئي ويو، جڏهن ته سندن گاڏي ملتان ٽول پلازه وٽ پهتي ته عملي ڄاڻ وٺڻ ۽ تصديق بعد شاگرد کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ نه ڏنو ۽ گاڏيءَ کي واپس موٽائي ڇڏيو، شاگرد کي اهو چئي واپس موٽايو ويو ته پنجاب ۾ سندس داخلا تي پابندي آهي.