ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 247 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪل تعداد 3671 ٿي ويو

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 247 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪل تعداد 3671 ٿي ويو، 2 مريض فوت ٿي ويا آهن. وڏي وزير پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2561 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 247 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض به فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 75 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته 49 ڪورونا مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن مان 15 ڄڻا وينٽِي ليٽرز تي آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي وڌيڪ 42 ماڻهو صحتياب ٿي پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويا، صحتياب ٿيلن جو تعداد 772 ٿي ويو آهي. وڏي وزير پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته هن وقت ڪورونا وائرس جا 3100 مريض علاج هيٺ آهنسيد مراد علي شاهه چيو ته 1839 مريض گهرن ۾ آئيسوليٽ آهن، 767 مريض آئيسوليشن مرڪز ۽ 440 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تبليغي جماعت جي 5102 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 765 نتيجا مثبت ۽ 4 ڄڻن جا نتيجا اچڻا آهن. وڏي وزير چيو ته 6 مختلف فلائٽس ذريعي 849 پناهگير وطن واپس آيا آهن جن مان 127 ڄڻن جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي. وڏي وزير چيو ته رمضان شريف ۾ روزا رکڻ جي ڪري ماڻهن ۾ قوت گهٽ ٿي ويندي آهي، اسان کي رمضان ۾ وڌيڪ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻو پوندو