ڪورونا وائرس،عالمي نظام ۽ اسان جون ذميواريون

هن وقت پوري دنيا هڪ عالمي وبا سبب بند آهي.عالمي نظام جو زمان ۽ مڪان (Time&Space) مڪمل طور متاثر ٿي چڪو آهي يعني آمدو رفت ، صنعت ، عوامي جڳهون ،ڪاروبار توڻي سياست ، سيرو صياحت توڻي مذهبي عمل مڪمل معطل آهن.انساني تهذيب جو ڦيٿو جام ٿي ويو آهي ۽ ان سان گڏ فطرت جو پنهنجو وهڪرو ۽ زمان ۽ مڪان بحال ٿي رهيو آهي جنهن ۾ فضا ۾ ڪاربان جي ڪمي ، اوزون ليئر جو بهتر ٿيڻ ، جاندارن جو واپس ٿيڻ وغيره شامل آهي.هي مضمون لکڻ وقت دنيا ۾ 871985 ڪورونا وائرس جا ڪيس 43,261 هزارن کان مٿي ماڻهن جو موت واقع ٿي چڪو آهي.پاڪستان ۾ ڪيسن جو تعداد ٻه هزار کي ڪراس ڪري چڪو آهي.پوري دنيا سميت ملڪ ۾ اهو ريشو تيزي سان وڌي رهيو آهي.عالمي ادارن ۽ رپورٽن مطابق جيڪڏهن سخت اپاءُ نه ورتا ويا ته دنيا جي اڪثريت آبادي کي ڪورناوائرس لڳي سگهي ٿي ۽ ڪروڙن جو موت ٿي سگهي ٿو.ڪورونا وائرس جي ويڪسين جيتوڻيڪ تيار ٿي وئي آهي ۽ ان جو انساني تجربو شروع ٿيڻ وارو آهي پر اهو عمل مڪمل ٿيڻ ۾ 12 کان 18 مهينا لڳندا جنهن کانپوءِ اها ويڪسين مارڪيٽ ۾ ميسر هوندي.ان ڪري دنيا جون رياستون ۽ عالمي ادارا “وبا کي دٻائڻ” (Pandemic Suppression) جي ماڊل تي ڪم ڪري رهيون آهن.چين جي ماڊل ۽ سائنسي تحقيق کي نظر ۾ رکندي برطانيا جي امپيريل ڪاليج جي ٽيم “وبا کي دٻائڻ ” جو ماڊل واضع ڪيو آهي.ان ماڊل تحت جيڪڏهن مڪمل ،سخت ۽ مسلسل لاڪ ڊائون ، سماجي فاصلو ، احتياتي اپاءُ ۽ مريضن کي اڪيلو ڪرڻ واري عمل کي نٿو اپنائجي ته وبا جو گراف تيزي سان مٿي اڏار ڪري ٿو جنهن سان صحت جو نظام جواب ڏئي وڃي ٿو ۽ وڏي تعداد ۾ موت ٿين ٿا.اهو سڀ ڪجهه هن وقت اٽلي ،اسپين ۽ آمريڪا ۾ ٿي رهيو آهي.ان ڪري مڪمل ۽ مسلسل لاڪ ڊائون ۽ سماجي فاصلي جي ذريعي وبا جي گراف کي مٿي ڪرڻ بجاءِ ان کي طوالت ڏني وڃي مطلب ته وبا گهٽ ۽ آهستي آهستي وڌي ته جيئن صحت جو نظام مريضن کي سمڀالي سگهي ،موت جي شرع کي گهٽائي سگهجي ۽ وڏي پيماني تي ٽيسٽون ڪري ڪورونا جي ڪيسن کي اڪيلو ڪري عام پبڪل کي بچائي سگهجي.پر لنڊن امپيرل ڪاليج جي محققن مطابق اهو لاڪ ڊائون ۽ سماجي فاصلو گهٽ گهٽ ۾ اپريل 2021ع تائين وقفن سان ڪرڻو پوندو.تيستائين ويڪسين به آخري مرحلن ۾ هوندي ۽ اينٽي وائرل دعوائون به اچي وينديون. فطري سائنسدان عالمي وبا جا ته حل ڪڍن پيا پر ان جا ديرپا سياسي معاشي اثرن جو ڪاٿو لڳائڻ سماجي سائنس جي ماڻهن جو ڪم آهي. جيڪڏهن “وبا کي دٻائڻ” واري ماڊل تي هلندي دنيا گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال جي لاڪ ڊائون طرف وڃي ٿي ته عالمي نظام جي معيشت جو ڇا ٿيندو؟ .ڪورونا کان وڌيڪ ٻيو بحران ته نه ڪر کڻندو ؟ ڇا هي غيرمعمولي خطرو عالمي آرڊر ، معيشت ،سياست ۽ سماج ۾ ڪهڙيون مستقبل تبديليون آڻيندو؟ دنيا جي ترقي پسندن جو ڪردار ڪٿي بيٺل آهي؟ .صورتحال جي غيريقينيت ۽ غيرمعمولي پڻي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته انساني تهذيب جو هر پرت ۽ مڪتب فڪر هڪ صدمي ۽ مونجهاري واري ڪيفيت ۾ آهي. حڪمران طبقو ته پريشان آهي ۽ عالمي وبا کي ٽارڻ ۾ لڳو پيو آهي پر دنيا جا ترقي پسند به گهر ويهي صرف حڪومت جي فيصلن تي عمل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن جيڪو صحيح ته آهي پر ڪافي ڪونهي.انهن وٽ ڪوبه تناظر ناهي. دنيا جا مذهبي پيشوا پنهنجو ڪاروهنوار بند ٿيندي ڏسي سخت بيچيني جو شڪار آهن.اسان سڀ هڪ وڏي واقعي کانپوءِ تماشائي جي ڪيفيت ۾ آهيون جتي بس “هي سڀ عارضي آهي” ، “سڀ صحيح ٿي ويندو” ، “فلحال سڀ ڳالهيون وساري گهر ويهو ۽ سرڪار جي فيصلن تي عمل ڪيو” جهڙا آٿٿ ڏئي بس ڪجهه چڳي ٿيڻ جي انتظار ۾ ويٺا آهيون.يا وڌ ۾ وڌ انساني تهذيب جي انت کي تصور ڪري رهيا آهيون جيڪو پڻ اسان کي خوف،تنهائي ،خاموشي ۽ تابعداري ڏانهن ئي وٺي ويندو.عظيم مفڪر فريڊرڪ جيمسن جي مطابق ته هم اثر دور جي عالمي نظام ۽ سرمائيداري جو انت (Apocalypse) ته تصور ڪرڻ آسان آهي ، جيئن اڪثر هاليوڊ جي فلمن ۾ ڏيکاريل هوندو آهي پر ان جو متبادل تصور ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي.اسان پنهنجي دور جي اهم موڙ تي اچي پهتا آهيون .ان سڄي صورتحال ۾ مان سمجهان ٿو پهريون ۽ اهم ڪم ذهن کي جنجهوڙڻ ،سوچڻ ۽ خاموشي ٽوڙڻ آهي.ڪجهه بنيادي سوالن تي قياس آرائي ڪري هڪ تناظر قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي .ها تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ ڪوبه تناضر مڪمل بيهي نه سگهندو ۽ ترميمن مان گذرندو پر پوءِ به ان کان سواءِ هن عظيم واقعي کي برداشت ڪرڻ ممڪن ناهي ۽ نه ئي هن عظيم واقعي جي طاقت ۽ بي انت توانائي کي ڪنهن بهتر مستقبل ڏانهن موڙڻ ممڪن هوندو.
1. ڪجهه فلسفياڻيون ۽ نظرياتي ڳالهيون
هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ ڪٿان آئي هي وبا ؟ ايترو جلدي سان دنيا ئي ٻي ٿي وئي ؟ .سڀ منصوبا ئي معطل ٿي ويا؟ سڀ تصور ڌنڌلا ۽ سڄو نقطي نظر ئي منجهي ويو ؟ ڪورونا وائرس جي اچڻ ۽ ڦهلجڻ بابت عمومي سائنسي تشريح ته موجود آهي ۽ ڪجهه ماڻهو ته هن کي سازشي نظرين سان به پرکڻ جي ڪوشش ڪن پيا پر مان فلسفي جو سهارو وٺندس.ائين ناهي ته مان سائنسي تشريح جو انڪاري آهيان پر فسلفياڻي قياس آرائي سائنسي تشريح جي تصديق ڏئي اڳتي اسان جي نفسياتي ،اخلاقي ،سياسي ۽ تهذيبي مسئلن جو حل ڪڍندي.هن صدمي کي برداشت ڪري اڳتي وڌڻ جو رستو ڏيکاريندي.
توهان مان اڪثر ماڻهن کي روڊ تي گاڏي هلائڻ جو تجربو ته ضرور هوندو ۽ ڪجهه ماڻهن کي روڊ حادثي جو به تجربو هوندو .جيڪڏهن اڪثريت کي روڊ حادثي جو تجربو نه هوندو ته فلمن ۾ ڪيمرا جي اک سان ڏيکاريل روڊ حادثي کي ته سڀني ضرور ڏٺو هوندو.ان حادثي دوران ڇا ٿيندو آهي؟ ان حادثي دوران اسان جا ٽريفڪ قانون، اسان جي ڊرائونگ جا اصول ، اسان جا منصوبا ،تصور ۽ پورو سماجي وقت (Social Time regularity) جو وهڪرو ڊهي پوندو آهي.اهو لمحو هوندو آهي جتي اسان جي شعور جي ڪائنات معطل ٿي ويندي آهي.اسان مڪمل ان لمحي جي پڪڙ ۾ هوندا آهيون .اهڙي مونجهاري کي انگريزي ۾ “Impasse” چئبو آهي.اهو لمحو شعور ۽ ٻولي جي دنيا جو “Impasse” هوندو آهي.فلسفي ۾ ان کي “واقعو” (Event) چوندا آهيون.اهو واقعوانسان ۾ هڪ مستقل تبديلي آڻيندو آهي.حادثي مان بچي ويل ماڻهو ساڳيو ناهي هوندو.انسان جي معاشرتي تاريخ ۾ اهڙا گهڻا فطري ،سياسي ،معاشي واقعا رونما ٿيا آهن جن ان دور جي مروج آرڊر ،سياسي لائنز ،زمان ۽ مڪان جي عام وهڪري ۽ ڄاڻ جي پوري سرشتي کي ڌڪ سان منجهائي ۽ معطل ڪري ڇڏيو هو.اهڙن واقعن جي ردعمل ۾ ئي انسان پنهنجي معاشرتي قانونن ، سياسي نظامن ، معاشي ساخت ۽ علمي سرشتي کي تبديل ڪري ۽ انهن کي ڇال ڏياري آهي.پر سوال اهو آهي ته اهڙن واقعن جو عمومي بڻ بنياد ڇا آهي؟ .ڪٿان ٿا اچن اهي واقعا ؟
گوئٽي چوندو هو ته نظريو رڳو “سرمائي رنگ” جو آهي ۽ زندگي ست رنگي آهي.اهو جملو جدليات جي استاد کي لينن کي تمام گهڻو پسند هو.ان ڳالهه کي کولجي ته اها ائين هوندي ته انسان جي پوري تاريخ پنهنجي پورهئي ۽ شعور ،جنهن جي بنيادي شڪل ٻولي آهي ، ذريعي فطرت کي انساني شڪل (Humanize/Idealize) ڏني آهي.فطري ڀڄ ڊاهه ۾ نظم و ضبط ۽ اصول ڳولهيا آهن ڇاڪاڻ ته نظم و ضبط سماجي اوسر لاءِ لازمي هئي. پوري ڄاتل ڪائنات ۾ اهڙي ڪابه شيءَ ناهي جنهن تي انساني ڇاپ ناهي.جن شين تائين انساني پهچ ناهي (گهڻيون بيماريون آهن جن جو بنيادي سبب انسان کي خبر ناهي ،انسان پنهنجي دماغ بابت گهڻيون شيون نٿو ڄاڻي) اهي به انسان جي ٻولي ۽ معنيٰ کان ٻاهر ڪونهن.انهن کي به ڪنهن ديوتا، ڪنهن سائنسي فڪشن ،ڪنهن مفروضي يا ڪنهن نالي جي تابع انسان ضرور آندو هوندو.اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا اها “سماجي” ٿيل آهي.پر انسان پنهنجي فطرت کي پنهنجي ميسر سماجي پيداواري اوسر ۽ ضرورتن جي حد تائين سمجهندو آهي.مثال جڏهن زراعت جو بنياد پيو ته انسان سج ،چنڊ ۽ تارن جي حرڪت کي ڪلينڊر ۾ تبديل ڪرڻ جيترو سمجهو ، جنهن دور ۾ انسان سمنڊ جو سفر شروع ڪيو ته انسان تارن جي حرڪت کي ايترو سمجهو جيترو هن جي پيداوري اوسر ۽ ضرورت هئي ، پر اڄ انسان انهن ساڳين مادي حقيقتن جي وڌيڪ اونهائن کان واقف آهي.پر انساني پورهئي ،شعور يا ٻولي جي دنيا هميشه فطرت کان پوئتي رهي ٿي.هميشه اها کٽل رهندي.هميشه اهڙا لقاءَ رهندا جيڪي اسان جي مروج سمجهه کان ماورا هوندا.ٻئي دور ۾ اسان انهن لقائن سمجهي وٺنداسين ته پوءِ به ان دور ۾ اهڙا لقاءَ رهندا جيڪي اسان جي سمجهه کان ماورا هوندا.ان ڪري نظريو سرمائي ۽ زندگي ست رنگي آهي. ان کي ٻولي ۽ شعوري دنيا جي دنيا جي “دائمي کوٽ يا حد” (Lack/impossibilty) چئي سگهجي ٿو.اها دائمي کوٽ ئي آهي جيڪا انسان جي خواهش ۽ وڌيڪ اڳتي وڌڻ جو بنياد آهي.ان دائمي کوٽ ئي انسان ادب ،سائنس فڪشن ، قياس آرائي ۽ تخيل جو بنياد آهي.اها “دائمي کوٽ” آهي جنهن کي انسان خدا يا ڀگوان چئي ٿو.
ان ئي تسلسل سان “دائمي کوٽ” جو تصور صرف سماج جي فطرت سان تعلق جي صورت ۾ موجود ناهي پر ان تصور کي فرد ۽ سماج ۽ سماج جي اندروني ڍانچي کي سمجهڻ لاءِ به ڪتب آڻي سگهجي ٿو.فرد ۽ سماج جي تعلق واري نفسيات کي ته فلحال ڇڏيون ٿا پر گهڻن مفڪرن ان تصور کي مارڪس جي سرمائيداري تي تنقيد سان جوڙيو آهي.اسان جنهن سرمائيداري سماج ۾ رهون ٿا ان جي به هڪ “دائمي کوٽ يا حد” آهي جنهن جي اردگرد هو هلي ٿي ۽ جنهن کي هو ختم نٿي ڪري سگهي.مارڪس جي سرمائيداري تي تنقيد کي سادي لفظن ۾ رکجي ته اها آهي ته سرمائيداري ۾ پيداوار جو بنيادي منطق منافعو آهي.سرمائيداري جو جياپو منافعي جي مستقل وڌندڙ شرح ۾ آهي.مثال توهان 5 روپين کان ڪاروبار شروع ڪيو ٿا ته ٻئي ڏينهن تي توهان وٽ 7 رپيا هجڻ گهرجن ۽ ٽين ڏينهن تي 10 رپيا.جيڪڏهن توهان وٽ پنج رپيا ئي رهن ٿا ته ان جو مطلب توهان خساري ۾ آهيو.پر سرمائيداري ۾ منافعي جو بنياد پورهيت آهي جنهن جي پورهئي ذريعي شين جي پيداوار به ٿئي ٿي ،جنهن جي اجرت هن جي پورهئي کان گهٽ ملي ٿي ۽ اتان واڌو قدر پيدا ٿئي ٿو، ۽ اهو ئي پورهيت آهي جيڪو مارڪيٽ ۾ شيون خريد ڪري سرمائيدار جي واڌو قدر کي منافعي ۾ تبديل ڪري ٿو.سرمائيداري ۾ معاشي بحران تڏهن ايندو آهي جڏهن مارڪيٽ ۾ جنسن جي گهرج گهٽجي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته پورهيت طبقي وٽ قوت خريد ناهي رهندي جنهن جي نتيجي ۾ “سرمائي جو اضافي ارتڪاز” يا “واڌو پيداوار” جو بحران ايندو آهي يعني جنسن ،مالياتي سرمائي ، ٽيڪنالاجي ۽ مزدور جي صورت ۾ سرمايو ته موجود هوندو آهي پر مارڪيٽ ۾ ڊمانڊ نه هجڻ ڪري ان کي منافعي بخش گس نه ملندو آهي ،اهو ائين پيو هوندو آهي.ائين منافعي جي شرح گهٽجڻ سبب معاشي بحران ايندو آهي ، مزدورن کي صنعت مان ڪڍيو ويندو آهي ، بينڪن جا قرضا واپس نه ٿيڻ ۽ ٽيڪس جي اوڳاڙي نه ٿيڻ سبب مالياتي بحران ايندو آهي.هاڻ سرمائيداري جي پوري تاريخ منافعي جي شرح کي برقرار رکڻ لاءِ “تخليقي تباهي” جي تاريخ آهي. ان جو مطلب ته سرمائيداري پنهنجي منافعي کي برقرار رکڻ لاءِ نيون منڊيون ڳوليندي آهي ، نين منڊيون جي تلاش ۾ مخلتف سامراجي ملڪن ۾ جنگون لڳنديون آهن ، بيٺڪيتون قائم ڪيون وينديون آهن ، سرمائيداري پنهنجن هڪڙن مرڪزن مان نڪري ٻيا مرڪز ٺاهيندي آهي جئين پهريان سرمائيداري جو مرڪز يورپ ۽ آمريڪا هو ۽ هاڻ دنيا جي اڪثريت ڪمپنين جا پيداواري مرڪز چين ۾ آهن.چوڻ جو مطلب ته “اضافي ارتڪاز” يا “واڌو پيداوار” جو بحران سرمائيداري جي اها “دائمي کوٽ” آهي جيڪا سرمائيداري جي 300 سالن جي ڊوڙ ،تباهي ،جنگن، گهٽ گهيڙ ڳولهڻ ، ڪوڙ فريب ڪري بحرانن کي عارضي طور حل ڪرڻ جي پوري تاريخ جو بنياد آهي .اها دائمي کوٽ آهي جنهن جي اردگرد سرمائيداري گهمي ٿي.ان ڪري سرمائيداري ان ڪري بنيادي طور تي انڌو ۽ غيرمنظم نظام آهي جيڪو پنهنجي ان منافعي ۽ واڌو پيداور جي تضاد ۾ ڦاٿل آهي.جديد سرمائيداري تاريخ جا وڏا واقعا جهڙوڪ ٻه عالمي جنگون ۽ معاشي ڏيوالپڻا جن عالمي نظام ۾ وڏيون تبديليون آنديون ،انساني تهذيب جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ،انقلاب لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ عالمي آرڊر کي تبديل ڪيو ،انهن جو بنياد سرمائي جي ان بنيادي تضاد ۽ “دائمي کوٽ” ۾ پيوست هو.هڪ حد تائين مارڪس لينن جهڙن مفڪرن اهڙن واقعن جي اڳڪٿي ڪئي هئي پر جيئن ته سرمائيداري هڪ انارڪي وارو نظام آهي ان ڪري اهڙا واقعا ڪڏهن ۽ ڪهڙي نوعيت سان اچن ٿا ان جي اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي.ان ڪري سرمائيداري جي تاريخ ۾ هر عظيم واقعي کانپوءِ ٻه گس کلندا آهن.هڪ ته سرمائيداري جي موجوده شڪل تباهه ٿي ۽ سرمائيداري ٻيهر نئين صورت ۾ پاڻ کي بحال ڪري يا سماج جون انقلابي قوتون ان واقعي کانپوءِ هڪ سياسي تناضر ۽ صورت جوڙي سماج جي يڪسر انقلابي تشڪيل لاءِ اڳتي وڌن.۽ هڪ اهڙي سماج جي جوڙجڪ ڪن جيڪو اندروني ۽ بيروني تضادن .ڏانهن شعوري،منظم ۽ کليل رويو رکندڙ هجي.
فطري واقعا تاريخ ۾ ٿيندا رهيا آهن، انهن وڏيون سماجي تبديليون آنديون آهن ۽ انهن جي ڪري نقصان به وڏو ٿيندو رهيو آهي.انهن جو بنياد مجموعي طور انساني شعور جي ان دائمي کوٽ ۾ ئي آهي ته انسان مڪمل طور فطرت جي لقائن کي نٿو سمجهي ۽ انهن جي اڳڪٿي نٿو ڪري سگهي پر سائنسي ترقي جي هن نهج تي اهو ضرور ممڪن آهي ته اسان وبائن جي عمومي خطري کان آگاهه رهي اهڙو نظام واضع ڪري سگهون جيڪو انهن فطري واقعن کي جلد سڄاڻي جلد اپاءَ وٺي ان کي وڏي معاشرتي بحران مان بچائي سگهي.اهو تيستائين ممڪن ناهي جيستائين هڪ اهڙو نظام قائم آهي جيڪو صرف پنهنجي منافعي جي شرع کي بچائڻ جي چڪر ۾ ٻئي هر شيءَ کان لاتعلق ۽ انڌو ٿيل آهي.ان ڪري مان ڪورونا وائرس کي فطري واقعي کان وڌيڪ اهڙو سماجي واقعو سمجهان ٿو جنهن جا بنياد سرمائي جي “دائمي کوٽ” ۾ پيوست آهن.ان لاءِ اسان وٽ ثبوت آهن.
ماضي جي تجربي جي بنياد تي اسان جو سائنسي علم اهو ڄاڻي ٿو ته وائرس موجود آهن جيڪي ارتقا ۽ جينياتي اوسر ڪنديون رهن ٿيون.ان جينياتي اوسر جي ڪري اهڙيون وائرس سامهون اينديون آهن جن جو دفاع انساني جسم ۾ ناهي هوندو ۽ ائين اهي وبا ۾ تبديل ٿي وينديون آهن جيستائين انهن جي خلاف ويڪسين تيار ٿي يا اهي ايتري انساني آبادي کي لڳي وڃن جو انسان جي جسم ۾ انهن خلاف دفاع جو نظام جڙي وڃي.پوري انساني تاريخ ۾ ائين وبائن جو اهڙو سلسلو رهيو آهي.جديد تاريخ ۾ 1918ع جي “اسپينش فلو يا انفلونزا ايڇ ون اين ون وائرس” جي وبا اهم آهي جنهن تقريبن 5 ڪروڙ ماڻهن جي جان ورتي.ان کانپوءِ ان جو اثر گهٽجي ويو ۽ انساني جسم ۾ ان جو دفاع جڙي ويو پر انفلونزا وئرس جينياتي اوسر ڪري 1957ع ۾ “ايشين فلو” جي صورت ورتي ، ان کانپوءِ 1968ع ۾ “هانگ ڪانگ فلو” جي صورت اختيار ڪئي.ان وائرس جي گذريل عالمي وبا 2009ع ۾ آئي جنهن کي “سوائن فلو” سان ڄاتو وڄي ٿو جنهن ڏيڍ ارب آبادي کي متاثر ڪندي تقريبن 5 لک ماڻهن کي ماريو.ائين ئي موجوده ڪورونا وائرس جو قسم پهريان موجود هو جنهن کي “سارس” ۽ “مرس” ڪورونا وائرس جي نالي سان اسان ڄاڻون ٿا.“سارس ڪورونا وائرس” 2003ع ۾ چين مان ڦهلجي هئي ۽ “مارس ڪورونا وائرس” وچ اوڀر مان ڦهلجي هئي.پر انهن وائرسز جي جيتوڻيڪ موت جي شرع موجوده ڪوروناوائرس کان وڌيڪ هئي پر انهن جو ڦهلاءُ تيز ۽ گهڻو نه هو.نتيجي ۾ اهي عالمي وبا ۾ تبديل نه ٿيون.ان جو هڪ سبب عالمي ادارن ۽ رياستن پاران ترت ردعمل پڻ هو.پر انهن وائرس مان جينياتي اوسر ڪري ئي موجوده ڪورونا وائرس سامهون آئي آهي.سائنسدانن کي ايترو انداز ته هو ته اهڙي قسم جي وبا ڪڏهن به ڦهلجي سگهي ٿي.ان حوالي سان عالمي صحت جي تنظيم جي اهم اڳواڻ،دنيا ۾ ماتا جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ وابائن جي آمريڪي ماهر ليري برليانٽ (Larry Brilliant) کي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ انتهائي اهم آهي.ليري برليانٽ 2006ع کان اهو لکندو رهيو آهي ته عالمي صحت جي ادارن کي اندازو آهي ته مختلف “ فلو وائرسز” جينياتي اوسر ڪندي جانورن کان جانورن تائين ڦهلجي رهيا آهن ۽ انسانن ڏانهن به منتقل ٿي وبا جي صورت وٺندا.2006ع جي پنهنجي 26 منٽن جي ٽيڊ ٽاڪ ۾ هن اڳڪٿي ڪئي هئي ته اهڙي زڪام ۽ نومنيا جون علامتون رکندڙ وائرس عالمي وبا جي صورت وٺي سگهي ٿي جنهن جي ڪري پوري دنيا کي بند ٿي سگهي ٿي ،ڪروڙين ماڻهو مري سگهن ٿا ۽ سماجي فاصلي جا اپاءُ وٺڻ جي ڪري معيشت کي کربين ڊالرن جو نقصان ٿي سگهي ٿو.ان لاءِ ضروري آهي ته هڪ عالمگير ميڪينزم جوڙيو وڃي جيڪو وائرسز تي نظر رکي ۽ پنهنجي سرويلنس ذريعي معلوم ڪري ته جيڪڏهن وائرس جو ڪوبه انساني ڪيس سامهون اچي ٿو ته ان کي ترت ردعمل ذريعي اتي ئي روڪيو وڃي.برليانٽ مطابق اهو عالمگير ميڪينزم ۽ ادارو انساني بنيادن تي هلي ۽ رياستن جي مداخلت کان پاڪ هجي.جڏهن 2009ع ۾ سوائن فلو آئي ۽ وري ختم ٿي وئي ته سرمائيداري دنيا اهو سوچڻ شروع ڪيو ته عالمي وبا ڪا خطرناڪ ڳالهه ڪونهي ۽ هاڻ بس خطرو ڪونهي.تڏهن ليري برليانٽ ڊاريڪٽر اسٽيون سوڊابرگ جي ٽيڪنيڪي مدد ڪندي 2011ع ۾ “ڪنٽاجين” فلم ٺهرائي جنهن ۾ اهڙي عالمي وبا ڏيکاري وئي آهي جنهن جو بنياد چمڙن مان آيل وائرس آهي ۽ جيڪا پوري دنيا ۾ ڦهلجي ان کي لاڪ ڊائون ڪري ڇڏي ٿي.(ليري برليانٽ جا ليڪچر ۽ انٽرويو انٽرنِٽ تي ٻڌي ۽ پڙه سگهجن ٿا ) .نه صرف ليري برليانٽ پر ٻئي گهڻا وبائن جا ماهر اهو چئي رهيا هئا.ان ڪري عالمي صحت جي تنظيم 2018ع ۾ X-disease جي نالي وائرسز جي لسٽ ۾ “هڪ امڪاني وائرس” جو نالو شامل ڪيو ۽ ان جي هڪ امڪاني عالمي وبا ۾ تبديل ٿيندڙ خطري طور نشاندهي ڪئي ته جيئن رياستن ۽ پاليسي ساز ادارن وٽ پهريان ان خطري جي ڄاڻ هجي.پر اسان کي خبر آهي ته جڏهن ڊسمبر 2019ع ۾ ڪورونا وائرس جا پهريان ڪيس چين ۾ ظاهر ٿيا ته چين ان ڳالهه جو انڪار ڪندي انهن ڊاڪٽرن کي رياستي ڏاڍ سان خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جن “نئين وائرس” جي ڳالهه ٿي ڪئي.انهن ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر لي وينليانگ جو نالو سرفهرست آهي جيڪو خود وائرس شڪار ٿي ويو.ائين اها وائرس چين ۾ ڦهلجي.ان کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي گهڻي عرصي کان ٻڌايو پئي ويو ته هي وائرس خطرناڪ آهي ان لاءِ اپاءُ ورتا وڃن ته پر ٽرمپ ڪڏهن ان کي “چيني وائرس” ته ڪڏهن ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سازش پئي قرار ڏني.هاڻ ڪجهه عرصي کان همراهه جا هوش ٺڪاڻي آيا آهن.ان ڪري اسان اهو آساني سان نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته وائرس جو اچڻ ته فطري عمل آهي پر ان کي عالمي وبا ۽ هڪ معاشرتي واقعي ۾ تبديل ڪندڙ سرمائيداري رياستن جي لاتعلقي،چٽاڀيٽي ۽ منافعي جي پويان انڌو هجڻ واري اها ڪرت آهي جنهن کي اسان سرمائي جي “دائمي حد” چئي چڪا آهيون.اهو ئي “واقعي جو فلسفو” آهي.
2.ڪورونا وائرس؛ معاشرتي واقعو ۽ امڪاني تاريخي تبديليون
ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کانپوءِ جڙندڙ معاشي سياسي صورتحال ۽ امڪاني تاريخي تبديلين تي ڳالهائڻ کان پهريان مان سرمائيداري جي علمبردار اخبار “فائيننشل ٽائمز” جي 26 مارچ 2020ع جي هڪ آرٽيڪل “How Coronavirus is remaking democratic Politics” جو ڪجهه حصو ونڊيندس :
“هي وبا جيتوڻيڪ عالمگيريت يا سرمائيداري جي پيداوار ته ناهي پر ان آزاد مارڪيٽ جي سڀني تضادن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو اندازو توهان آمريڪا ۾ صحت جي سهولتن ۽ ميڊيڪل اوزارن جي شديد کوٽ مان لڳائي سگهو ٿا.هاڻ جڏهن حڪومتون کربين ڊالر لڳائي رهيون آهن ته معاشي بحران ۽ وبا کي روڪيو وڃي (ٽرمپ جو پيڪيج) ته اهو عمل ٻڌائي ٿو ته ماضي جو نيولبر مالياتي بنياد پرست نظريو ،جنهن جو سڄو فوڪس صرف بجيٽ ڊفيسٽ ، ٽريڊ بيلننس وغيره هو ، ڪيترو نه غلط هو.سرڪار جو ٻيهر مرڪزي اسٽيج تي اچي وڃڻ بنيادي طور تي ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته هاڻ ان دور جي پڄاڻي ٿي جڏهن سڄي ذميواري رياست کان آزاد مارڪيٽ ڏانهن منتقل ڪئي وئي هئي.هن بحران لبرل جمهوريتن اڳيان ٻه رستا رکيا آهن.هڪ سختگير ساڄي ڌر جي قومپرستي يا اهڙو ڪو گلوبل آرڊر جيڪو رياستن جي وچ ۾ سهڪار تي بيٺل هجي” .
هڪ نيولبرلزم جي نمائيندا پرچي ۾ جڏهن اهي ڳالهيون اچي رهيون آهن ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته معاملو معاشي ۽ سياسي طور انتهائي نازڪ آهي.هن وقت عالمي سرمائيداري جو معاشي ڪاروهنودار مڪمل طور بند ٿي ويو آهي ۽ منافعي جي شرح جو مسئلو ڪر کڻي رهيو آهي.آئي ايم آيف عالمي معاشي واڌ ۾ ڪمي (Recession) جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.هن سال جي ٻن مهينن ۾ چين جي صنعتي پيداوار 13 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي جيڪو ٽيهن سالن ۾ پهريون دفعو ٿيو آهي.ياد رهي ته چين دنيا جي صنعتي پيداوار ۽ جنسن جي فراهمي جو مرڪز آهي.چين جي برآمد 17 سيڪڙو ڪري پئي آهي جڏهن ته سيڙپڪاري جي شرع 24 سيڪڙو گهٽجي آهي.ياد رهي ته چين هن وقت صرف صنعتي معيشت نه پر وڏي ڪنزيومر معيشت پڻ آهي جيڪو سندس معيشت جو تقريبن 50 سيڪڙو آهي.2008ع جي مالياتي بحران جو حل چين “شهرڪاري” جي عظيم منصوبن جي صورت ۾ ڪڍيو هو (پڙهو جديد چين جو اڀار مسرور شاهه).هن وقت سڀ کان وڏو ڌڪ معيشت جي ان حصي تي لڳو آهي ڇاڪاڻ ته شاپنگ مال ،پبلڪ پارڪ، ٽرانسپورٽ ،ريسٽورنٽ ،سينيما گهر، تعميراتي ڪم ،نون شهرن جي اڏاوت يعني سرمائيداري جي “رونڪ” ۽ سهولتن جا سڀ مرڪز بند آهن.ان پاسي کان چين جي معيشت کي نقصان ٿيو آهي.ٻئي پاسي آمريڪا ته آهي ئي گهڻي قدر “سروس ۽ ڪنزيومر اڪانامي” ۽ سندس صنعتي پيداور ۽ فراهمي پوري دنيا ۾ پکيڙيل آهي ،ان ڪري ڌڪ سان اتي 30 لک ماڻهو هيئنر ئي بيروزگار ٿي چڪا آهن ۽ پهرين مرحلي ۾ ميڊيڪل اوزارن جي فراهمي ۾ سخت بحران جو منهن ڏيڻو پيو آهي.هن وقت آمريڪا چين تي مڙهيل ڪاروباري پابندين کي کنيو آهي ته جيئن ميڊيڪل اوزارن جي فراهمي کي يقيني ٺاهي سگهجي.آمريڪي معيشت جو قدر جيڪڏهن 21.43 کرب ڊالر آهي ته ان مان 68 سيڪڙو “گهريلو ڪنزپشن” يا ڪنزيومر معيشت آهي جنهن ۾ وڏو تعداد ماڻهن جو سهولتون خريد ڪرڻ تي آهي.وڏو روزگار جو ذريعو سياحت ،ٽرانسپورٽ، انٽرٽينمينٽ انڊسٽري، ريٽيل ڪو ڪاروبار جنهن ۾ شآپنگ مال کان مارٽ ۽ دڪان اچي وڃن ٿا ، ريڪريشن يا تفريحي معيشت وغيره سان تعلق رکن ٿا.ان ڪري لاڪ ڊائون ۽ سماجي فاصلو لازمي طور معاشي بحران پيدا ڪندو.ليپٽاپس جي پيداوار ۾ 50 سيڪڙو ۽ ڪار انڊسٽري کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته چين ۾ ڪار جي صنعت جي پيداوار ۾ 92 سيڪڙو ڪمي آئي .ووهان شهر ڪوروناوائرس جي مرڪز کان علاوه ان صنعت جو به مرڪز آهي ،ان ڪري شهر کي “موٽر سٽي” جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي .
معاشي لاڪ ڊائون جي اها صورتحال نيولبرل گڏيل ادارن کي به ٽوڙي رهي آهي ڇاڪاڻ ته رياستون هاڻ گهرو معيشت ۽ صورتحال کي سنڀالڻ ۾ لڳل آهن.ان جو مثال يورپي يونين ۽ اٽلي جي صورتحال آهي.فيبروري کان اٽلي يورپي يونين جي ايمرجنسي ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر کي مڊيڪل سهولتن جي فراهمي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اپيل ڪندو رهيو پر يورپي يونين جا ملڪ پنهنجي گهرو صورتحال کي سنڀالڻ ۽ ميڊيڪل سهولتن کي گڏ ڪرڻ ۾ لڳا پيا هئا.نيتجي ۾ يورپي يونين اٽلي جي ڪابه مدد نه ڪئي بلڪي جرمني ۽ فرانس ميڊيڪل اوزارن جي برآمد تي ئي پابندي هڻي ڇڏي.يورپ ۾ هن وقت ملڪن پنهنجون بارڊر بند ڪيون آهن جيڪو يورپي يونين جي بنيادي اصول جي ابتڙ آهي.ان جو فائدو وٺندي چين 12 مارچ تي 31 ٽن تي مشتمل ميڊيڪل اوزار ۽ مڊيڪل ماهر اٽلي ڏانهن موڪليا.اطالوي وزيراعظم يورپ جي موجوده صورتحال کي ٻين عالمي جنگ سان ڀيٽيو آهي ۽ چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن يورپ يڪجهتي سان اڳتي نه وڌيو ته يورپي اتحاد گھهڻو عرصو نه هلي سگهندو.
پر سڀ کان اهم سوال آهي ته هي عالمي واقعو اسان کي ڪيڏاهن وٺي وڃي رهيو آهي؟ .“وبائن جي سائنس” جا اڪثر ماهر هن وبا کي تڪڙو ختم ٿيندي نٿا ڏسن.ماهرن مطابق هن وبا جي ڦهلاءُ کي لاڪ ڊائو ۽ سماجي فاصلي ذريعي جهڪو ڪري سگهجي ٿو ته جيئن موت جي شرع کي به گهٽائجي ۽ وقت به ملي وڃي ،ٻيو اهم اهو آهي ته ان دوران وڌ کان وڌ ٽيسٽون ڪيون وڃن ته جيئن متاثر ماڻهن جي خبر پوي ۽ انهن جي نشاندهي ڪجي .انهن ٻن قدمن سان وائرس جي ڦهلاءُ کي جهڪو ۽ ملتوي ڪري سگهجي ٿو تيستائين اينٽي وائرل دوائون ۽ ويڪسين مارڪيٽ ۾ اچي ويندي ۽ آبادي جي ڪجهه حصي ۾ وائسرس مان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ دفاعي نظام به جڙي ويندو..لنڊن امپريل ڪاليج جا ماهر ان سلسلي کي 2021ع تائين ڏسي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ويڪسين جي مارڪيٽ ۾ اچڻ لاءِ 12 کان 18 مهينا لڳي ويندا.ليري برليانٽ مطابق چار مهينن تائين انٽي وائرل دعائن جي اچڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي.جيڪڏهن اهي سخت اپاءُ نٿا ورتا وڃن ته 40 کان 70 سيڪڙو تائين انساني آبادي وائرس مان متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ 5 ڪروڙ تائين ماڻهن جو موت واقع ٿي سگهي ٿو.ان ڪري اهي اُپاءُ وٺڻ انتهائي لازمي آهن جنهن سان ان شرع کي گهٽائي سگهجي ٿو.پر فطري سائينس جي ان حل کي گهڻن سرمائيداري جي اقتصاديات ماهرن مسئلي کان وڌيڪ مسئلو قرار ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته ايتري عرصي جو سماجي فاصلو سرمائيدار معيشتن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيندو ۽ ڏڪار واري صورتحال جنم وٺي سگهي ٿي.ان معاشي بحران کي 1930ع واري معاشي بحران کان گهڻو وڏو معاشي بحران طور ڏٺو وڃي ٿو ۽ اهو بحران موٽ ۾ انسان جي وائرس خلاف جنگ کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿو.اهڙي صورتحال ۾ ڪهڙيون امڪاني تبديليون نظر اچي رهيون آهن؟.
ان صورتحال ۾ هڪڙي پاسي چين اها دعوا ڪري رهيو آهي ته هن وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي ۽ ووهان ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ لاڪ ڊائون کي جهڪو ڪري رهيو آهي .ان سان گڏ پنهنجي صنعت کي جنگي بنيادن تي منظم ڪري پوري دنيا ۾ طبي اوزار ۽ سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي.جنهن سان چين عالمي آرڊر ۾ اڳواڻ واري حيثيت اختيار ڪرڻ جو نه صرف خواهشمند آهي پر اولهه جي خال کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.پر چين مان اهي رپورٽون اچي رهيون آهن ته چين پنهنجي روايتي رياستي ڏاڍ ذريعي ڪورونا ڪيسن ۽ موت جي شرع کي لڪائي رهيو آهي.ان جو منطق تيزي سان معاشي سرگرمي کي بحال ڪرڻ آهي.اهو انتهائي خطرناڪ معاملو آهي.اها حقيقت آهي ته چين جي سخت گير مرڪزيت پسند رياست ڪورونا وائرس تي ضابطي لاءِ لاڪ ڊائون تي سخت عمل ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي ۽ اتي ڪيسن جي شرع گهٽجي آهي ۽ ان ئي ڪري چين هن وقت عالمي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌي رهيو آهي پر ان امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته هن صورتحال ۾ لاڪ ڊائون ۽ رياستي ڪنٽرول هڪ اهڙي رجعتي سخت گير سياسي صورت طور به اڀري سگهي ٿي جيڪا انساني آبادي کي خطري ۾ رکي سرمائي جي افزائش کي ڦڙتي سان سرانجام ڏئي.چين جي طاقتور سرويلنس ۽ جابر رياستي نيٽورڪ کيس ڪورونا جي وبا کي دٻائڻ ۾ مدد ڪئي آهي پر هاڻ اها وڌيڪ معاشي ۽ سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي.اهڙيو ساڳيون رپورٽون هندستان مان به اچي رهيون آهن ته اتي به ڪورونا جي ڪيسن جا اصل انگ اکر سامهون نه اچي رهيا آهن.ان ڪري دنيا جي اڪثر مفڪرن وٽ گلوبل آرڊر جي ٽٽڻ سان هڪ بڇ ڏاهه ۽ سخت گير ساڄي ڌر جي آپيشاهي جي وڌڻ جو وڏو خطرو آهي.ياد رهي ته ڪورونا وائرس سان سڀ کان بهترين لڙائي ڏکڻ ڪوريا ڪئي آهي جنهن عوامي ٽيسٽن ذريعي وبا تي ضابطو آندو آهي.
اهو خطرو رڳو چين ،هندستان يا ايشيا جي ٻين رياستن منجهان ناهي پر اولهه ۾ به اهو خطرو موجود آهي..ٽرمپ گهڻي عرصي کان لاڪ ڊائون جو مخالف هو ۽ معيشت کي بچائڻ جي چڪر ۾ انساني آبادي کي خطري ۾ وڌائين جنهن جا نتيجا هن وقت آمريڪا ۾ سامهون اچي رهيا آهن.ان سان گڏ آمريڪا ۾ ماڻهن کي طبي سهولتن جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي.ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ ۽ ٽرمپ سرڪار تي پريشر کانپوءِ آمريڪا هن وقت ڪجهه اهم قدم کنيا آهن جنهن ۾ ٻن کرب ڊالرن جو پيڪيج اهم آهي.ٽرمپ سرڪار “دفينس پراڊڪشن ايڪٽ” کي متحرڪ ڪري پنهنجي صنعت جهڙوڪ جنرل موٽرز ۽ فورڊ کي پابند ڪيو آهي ته هو طبي اوزارن ۽ سهولتن جي پيداوار ڪندا .ان سان گڏ آمريڪا ڏيهي توڻي گهڻ قومي ڪمپنين جهڙوڪ روش ڪمپني جي جديد ترين ٽيڪنالاجي کي ويڪسين جي تياري لاءِ متحرڪ ڪيو آهي.نتيجي ۾ هن وقت آمريڪا تيز ترين ڪورونا ڪٽس کي به تيار ڪيو آهي.انهن ڪوششن سان گڏ ٽرمپ سرڪار پنهنجي پيڪيج ۾ “روزاولٽ نيو ڊيل” وانگي رياستي مداخلت ذريعي معيشت کي بچائڻ لاءِ اهم اعلان ڪيا آهن.بينڪن جي وياج جي شرح کي بلڪل گهٽايو ويو آهي ته جيئن بزنس سرگرمي کي نقصان کان بچائجي ، هر بروزگار آمريڪي کي 1200 ڊالر ڏنا ويا آهن ته سماج جي پيداواري سگهه کي تباهه ٿيڻ کان بچائجي ۽ صنعتن جي ٽيڪس کي ڪٽيو ويو آهي.انهن سڀني قدمن جو مقصد نه صرف وبا کي منهن ڏيڻ آهي پر سماجي فاصلي جي دور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ معيشت کي به بچائڻ آهي.آمريڪا جا اهي فيصلا اهم آهن پر اقتصاديات جي ماهرن کي اهو مڪمل اندازو آهي ته جيڪڏهن سماجي فاصلي جي صورتحال (جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه آهي) گهڻو عرصو رهي ٿي ۽ پيداواري سرگرمي بحران ۾ رهي ٿي ته اهڙي قسم جو پيڪيج مالياتي بحران کي پيدا ڪري سگهي ٿو.ان ڪري آمريڪي رياست ماڻهن کي ڪم تي موڪلڻ لاءِ مختلف طريقن تي سوچي رهي آهي جنهن ۾ “اميونٽي ٽيسٽ” شامل آهي جنهن مان اندازو ٿيندو ته ڪهڙن ماڻهن جي پهريان کان ايتري مدافعتي قوت آهي جو انهن کي ڪم تي موڪلي سگهجي.ائين ئي نوجوان آبادي کي ڪم تي موڪلڻ جو به سوچيو پيو وڃي. اهي قدم اڃان لاڳو ناهن ڪيا ويا پر ان سڄي صورتحال مان اندازو ٿئي ٿو ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ اهو وائرس گهڻي عرصي تائين رهيو ته معاشي بحران اچي سگهي ٿو .نتيجي ۾ سخت ساڄِي ڌر جي سياست پهريان کان ئي موجود آهي جيڪا نه صرف وائرس کي “ڌاريو وائرس” چئي ان کان منهن موڙيندي رهي آهي ۽ وبا خلاف عالمي سطح جي ردعمل ۾ رڪاوٽ وجهي سگهي ٿي پر انساني آبادي کي خطري ۾ وجهڻ لاءِ به تيار آهي.ساڳئي صورتحال يورپ جي آهي جتي پڻ سختگير ساڄِي ڌر جي سياسي صورت جا نمونا موجود آهن جنهن جو سڄو زور بارڊر ڪنٽرول تي آهي .اهڙي صورتحال ۾ چين جهڙو ماڊل ،جيڪو سرمائيداري ۽ آپيشاهي جو ميلاپ آهي، دنيا ۾ اڳيان اچي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته سرمائيداري اهڙي بحران ۾ پاڻ کي آپيشاهي جي صورت ۾ بچائي سگهي ٿي ۽ ماحوليات،انساني آبادي ۽ جنگن جو خطرو وڌي سگهي ٿو.مٿي اسان ذڪر ڪري چڪا آهيون ته واقعن جي صورت ۾ سرمائيداري پاڻ کي نئين سر تشڪيل ڪندي آهي ۽ ان جي اها صورت سامهون ايندي آهي جيڪا بحران ۾ سرمائي جي افزائش ڪرڻ جي سگهه رکندي آهي.
3.نيٺ ڇا ڪرڻ کپي؟
هن عالمي وبا سان مقابلو صرف ان صورت ۾ ٿي سگهو ٿو جڏهن عالمگير سطح تي ان خلاف گڏيل ردعمل اچي .سماجي فاصلي کي موثر ڪرڻ ، عوامي سطح تي ٽيسٽن جي سلسلي کي لاڳو ڪرڻ، طبي سهولتن جي پيداوار کي جنگي بنيادن تي وڌائڻ ۽ اهو سڀ ڪجهه عالمي سطح تي ڪرڻ کانسواءِ ان وائرس جو مقابلو نٿو ڪري سگهجي.مختلف ملڪن جي تجربي ۽ سائنسي تحقيق کي جوڙي ان کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان جي نتيجن کي وسيع انساني آبادي تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي. ان عالمي ريسپانس لاءِ اهو انتهائي اهم آهي ته دنيا ۾ “دولت جي نئين سر ورڇ” جي لاءِ مضبوط تحريڪ پيدا ٿئي ڇاڪاڻ ته اهو سرمائيداري معاشي بحران ئي آهي جيڪو وائرس خلاف جنگ کي متاثر ڪندو ۽ ماڻهو خود سماجي فاصلي ۽ لاڪ ڊائون کي ٽوڙڻ شروع ڪندا. ان ڳالهه کي مان ٿورو ٺوس انداز ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جي صورتحال کي مدنظر رکندي ڪرڻ چاهيندس.
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ به ڪورونا وائرس جو لاڪ ڊائون ۽ سماجي فاصلي کي موثر ڪرڻ ، عوامي سطح تي ٽيسٽ جي سرشتي کي لاڳو ڪرڻ ۽ صحت جي سهولتن کي جنگي بنيادن تي وڌائڻ کانسواءِ مقابلو ڪرڻ ممڪن ناهي.پر اهو سڀ ڪجهه موجوده سياسي معاشي سرشتي ۾ ممڪن نظر نٿو اچي.گڏيل قومن جي رپورٽ مطابق ڪورونا وائرس جي ڪري پاڪستان جهڙيون معيشتون سڀ کان گهڻيون متاثر ٿينديون.اهو معاشي بحران لازمي طور وائرس خلاف جنگ کي متاثر ڪندو ۽ ڏڪار جي صورت ۾ ماڻهو خود لاڪ ڊائون ۽ سماجي فاصلي کي ٽوڙڻ شروع ڪندا.ان ڪري ڪورونا وائرس خلاف جنگ لاءِ “دولت ۽ وسيلن جي نيئن سر ورهاست” جي سخت ضرورت آهي.دفاعي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ،قومن جي وسيلن کي قومن جي اختيار ۾ ڏيڻ ۽ انهن کي عوامي ڀلائي لاءِ خرچ ڪرڻ، معيشت جي بنيادي سيڪٽرن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ ، امير طبقي جهڙوڪ 700 ارب رپين جي ريل اسٽيٽ جي بزنس تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وغيره جهڙا قدم انتهائي اهم آهي ته جيئن عام ماڻهن تائين معاشي لاڪ دائون جي صورت ۾ بنيادي سهولتن کي پهچائي سگهجي.اهو سڀ ڪجهه پاڪستاني رياست کان توقع ڪرڻ غلط هوندو.ان لاءِ سماجي فاصلي هن دور ۾ سڀني ترقي پسند قوتن لاءِ سياست جي نئين ڍنگ تي سوچڻ انتهائي لازمي ٿي ويو آهي.اسان کي مٿين اجينڊائن تي هيٺ ڏنل نقطن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
*اسان کي هڪ “ورچوئل” يا آنلائن پليٽفارم ٺاهڻ جي ضرورت آهي.ان پليٽفارم جي ذريعي اسان کي پنهنجي تناظر ،پنهنجي بنيادي نقطن ۽ وبا بابت آگاهي پوري سماج ۾ ڦهلائڻ گهرجي.ان پليٽفارم ذريعي پوري سنڌ ۽ ملڪ ۾ نيٽورڪنگ به ڪري سگهجي ٿي.
*سماجي فاصلي ۽ احتيات کي نظر ۾ رکندي اسان کي هر علائقي ۾ موجود مقامي ماڻهن جو نيٽورڪ ٺاهڻ جي ضرورت آهي.مقامي ماڻهن جو اهو نيٽورڪ پوري سنڌ ۾ هجي ۽ آنلائن طريقي سان پاڻ ۾ گنڍيل هجي.اهو نيٽورڪ ڏڪار واري صورت ۾ نه صرف ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ مقامي انتظام سنڀالي پر ساڳئي وقت اسان جي بنيادي نقطن کي لاڳو ڪرائڻ لاءِ هڪ سياسي قوت جو به ڪم ڪري.
*اهڙي نيٽورڪ کي ملڪ ۽ دنيا ۾ موجود ٻين ترقي پسند،انسان دوست،همدرد ، سماجي ڀلائي جي تنظيمن سان جوڙڻ جي ضرورت آهي.
ڪورونا وائرس جي عالمي وبا اسان لاءِ چونڊ کي پيدا ڪري ڇڏيو آهي ته مسقبل جي دنيا کي اسان ڪيئن ڏسڻ چاهيون ٿا.ڇا اسان هميشه لاءِ بربريت ۽ تباهي ۾ غرق ٿي پوري انساني حياتي کي خطري ۾ وجهڻ چاهيون ٿا،هڪ آپيشاهي واري سختگير رجعتپسند قومپرستي تي ٻڌل سرمائيداري ڏانهن وڌڻ چاهيون ٿا يا اسان هن دنيا کي هڪ بهتر مستقبل ۽ نئين عالمگيريت ڏانهن وٺي وڃڻ چاهيون ٿا جتي ڌرتي جا وسيلا ۽ دولت انساني گهرجن لاءِ استعمال ٿين ، جتي قومن کي ايتري خودمختياري هجي جو هو خود رضاڪارانا طور ان عالمگير معاهدي جو حصو هجن ، جتي جمهوريت مقامي سطح تي منظم ٿيل هجي ، جتي هر انسان سياسي طور مقامي جمهوريت جو حصو هجي، جتي قومي رياستن تي قومي عوامي جمهوريت ۽ عالمگير معاهدي کي فوقيت هجي ،جتي پيداور جو عمل فطرت جي گهرجن کي سامهون رکي منظم ٿيل هجي ،جتي سائنس جا نتيجا گڏيل انساني ملڪيت هجن ۽ انسان پنهنجي اندروني ۽ خارجي تضادن طرف سجاڳي وارو کليل رويو بهتراپنائي.اها ئي اها چونڊ آهي جيڪا هر عظيم واقعو انسانن اڳيان سوال جي صورت ۾ اڳيان رکندو آهي ته توهان ڪهڙي طرف آهيو ؟

مسرور شاهه