ڪورونا سبب 95 ڄڻا فوت، 8 هزار نوان مريض ظاهر، جولاءِ تائين 10 لک ڪيس ٿي سگهن ٿا: وفاقي سرڪار

اسلام آباد:-  سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 95 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 6365 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مريض جو انگ هڪ لک 42 هزار 229 ٿي ويو جڏهن ته فوتين جو انگ 2 هزار 663 تائين پهچي ويو آهي. پنجاب ۾ 2514 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ وڌي 52 هزار 602 ٿي ويو آهيجڏهن ته صوبي اندر ڪورونا وگهي وڌيڪ 31 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن بعد فوتين جو انگ 969 ٿي ويو آهي، هوڏانهن سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 15 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا جڏهن ته 2287 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ متاثرن جو انگ 53 هزار 805 ٿي ويو آهي جڏهن ته فوتين جو انگ 831 ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ 771 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جڏهن ته وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿيا آهن، آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ 30 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو آهي، ٻئي پاسي گلگت بلتستان ۾ وڌيڪ 51 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 14 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن، جڏهن ته 563 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 18 هزار 13 ٿي ويو آهي، بلوچستان ۾ به 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ جو انگ 85 ٿي ويو آهي جڏهن ته 149 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 8 هزار 177 ٿي ويو آهي، هوڏانهن رٿا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته موجوده صورتحال برقرار رهي ته جولاءِ مهيني جي آخر تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 10 لک تائين پهچي سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان هميشه چيو ته حفاظتي اپائن سان ڪورونا وائرس جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 3 لک تائين پهچي سگهي ٿ، جڏهن ته ماهر چون ٿا ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا ڪيسن ۾ 8 کان 10 لک تائين اضافو ٿي سگهي ٿو، موجوده صورتحال برقرار رهي ته جولاءِ جي آخري تائين اهو انگ 10 لک تائين پهچي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ڪورونا ٽيسٽ جي صلاحيت روزاني ڏيڍ لک تائين پهچائي ويندي، ٻن ڏينهن کان ڪورونا جون 30 هزار ٽيسٽون روزاني ٿي رهيون آهن. اسد عمر چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ 5 سئو بسترا ۽ ڪي پي ۾ 4 سئو آڪسيجن بسترن جو اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪورونا وائرس پکڙڻو آهي پر ان جي رفتار گهٽ ڪرڻي آهي ته جيئن صحت جو نظام دٻاءَ ۾ نه اچي سگهي جڏهن ته جن علائقن ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌيڪ هوندا اتي ٽارگيٽيڊ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته حڪومت شهرين جي زندگيءَ جي حفاظت لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪورونا صورتحال ۾ غريبن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي پر جتي ڪيس وڌيڪ ٿيندا اتي  پابنديون لڳايون وينديون، حڪومت ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪندي