ڪورونا خلاف هڪ ٿي وڙهنداسين، وائرس سان اڪيلي مقابلو نٿو ڪري سگهجي: عمران خان

ڪوئيٽا:- وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هينئر ڪورونا جو پريشر ناهي، اپريل جي آخر ۾ اسپتالن تي دٻاءُ وڌندو، صوبا ٻڌائين ته لاڪ ڊائون مرحليوار ڪيئن ختم ڪجي. وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا جي بولان ميڊيڪل اسپتال ۾ قائم قرنطينه سينٽر جو دورو ڪيو ۽ بريفنگ ورتي. گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ڪابينا ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا خلاف هڪ ٿي وڙهنداسين، وائرس سان اڪيلي مقابلو نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڪورونا صورتحال جي لاڳيتو ڄاڻ وٺون پيا، وبا جو اڃا ايترو اثر ناهي پر اپريل جي آخر ۾ دٻا وڌي سگهي ٿو. عمران خان چيو ته بلوچستان ۾ هن وقت ڪورونا جو ڪوبه مريض گهڻو ورتل ناهي، صوبي ۾ وائرس تي ضابطو آڻڻ سَوِلو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ غربت وڌيڪ آهي، لاڪ ڊائون سان به تمام گهڻو نقصان رسيو، مختلف ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪيو پيو وڃي، چين ڪورونا وائرس جو مقابلو ڪيو، جنهن مان فائدو وٺون پيا. عمران خان وڌيڪ چيو ته 14 اپريل کانپوءِ ڏٺو ويندو ته لاڪ ڊائون ڪيئن ختم ڪجي، اهو فيصلو بعد ۾ ڪبو ته ڪهڙا ڪهڙا شعبا پهرين کوليون، لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ ۾ صوبا راءِ ڏين.