ڪورونا امدادي فنڊ جي رقم ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن کي پئسا ڏنا ويندا.ناڻي وارو صلاحڪار

اسلام آباد: ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪورونا امدادي فنڊ جي رقم ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن کي پئسا ڏنا ويندا.ناڻي واري صلاحڪار هڪ بيان ۾ چيو ته صوبائي حڪومت سان ملي لائحه عمل جوڙي رهيا آهيون ته جئين جائز مستحق ماڻهن جي مدد ڪري سگهون.هن چيو ته حڪومت بجلي ۽ گئس جا بلز جمع ڪرائڻ ۾ ٽن مهينن جي مهلت ڏني آهي، حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ به گهٽتائي ڪئي آهي.ناڻي واري صلاحڪار چيو ته 280 ارب رپين کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي، 100 ارب رپيا ايمرجنسي جي لاءِ رکيا ويا آهن. 100 ارب رپيا ٽيڪس ري فنڊ ڪيا ويا آهن