ڪوئيٽا ۾ پوليس موبائل ويجهو ڌماڪو، هڪ اهلڪار شهيد، ڏهه ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا: بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ ڊبل روڊ تي ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن سبب هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته زخمين ۾ پوليس اهلڪار به شامل آهن.تفصيل موجب ڪوئيٽا هڪ دفعو وري دهشتگردي جو شڪار ٿي ويو آهي. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊبل روڊ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي.ريسڪيو ذريعن موجب 10 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.. پوليس ٿڏي تي پهچي شاهديون جمع ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن.ٻڌايو پيو وڃي ته ڌماڪو هڪ پوليس موبائل جي ويجهو ڪيو ويو. ڌماڪي سان ڀريل مواد موٽرسائيڪل ۾ نصب ٿيل هو. جڏهن ته ڌماڪي سب هڪ رڪشو ۽ 5 موٽرسائيڪلن کي به نقصان پهتو، چئن گاڏين کي لڳل باهه تي قابو آندو ويو آهي.