ڪوئيٽا ۾ حفاظتي ڪٽس لاءِ احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف تي پوليس جي لٺبازي، گرفتار

ڪوئيٽا :- حفاظتي ڪٽس لاءِ احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف تي پوليس جي لٺبازي ۽ ڪيترن ئي کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، ڪوئيٽا ۾ ينگ ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف حفاظتي ڪٽس لاءِ احتجاج ڪري رهيو هو، مظاهرين سول اسپتال کان مارچ ڪندي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ پهتا ته ان دوران پوليس ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي تي لاٺي چارج ڪيو ۽ ڪيترن ئي طبي عملي گرفتار ڪيو،ايس ايس پي آپريشنز موجب ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي ميمبرن کي قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو، جن کي مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي پوليس طرفان لاٺي چارج ۽ گرفتارين بعد ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئشن هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي سمورن ڊيوٽين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.