ڪوئيٽا ۾ اهلسنت جي جلوس اڳيان ڌماڪو، 3 اهلڪارن سميت 8 ماڻهو مارجي ويا

ڪوئيٽا:- ڪوئيٽا ۾ پريس ڪلب ڀرسان احتجاج دوران زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 مانهو مارجي ويا ۽ 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ڪيترين ئي عمارتن توڙي گاڏين کي پڻ نقصان پهتو آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي 8 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.ڌماڪي کانپوءِ سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ اسپتال جي ترجمان وسيم بيگ جو چوڻ هو ته ڌماڪي کانپوءِ 21 ڄڻا زخمي آهن.ٻئي پاسي ڊي آءِ جي ڪوئيٽا عبدالرزاق چيما ميڊيا سان ڳالهائيندي 8 ڄڻن جي مارجڻ ۽ زخمين جي تصديق ڪندي چيو ته ڌماڪو آپگهاتي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي گاڏين کي پڻ نقصان پهتو. مارجي ويلن ۾ 2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ ليويز جو اهلڪار شامل آهي. ڊِ آءِ جي ڪوئيٽا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اها اسان جي ڪاميابي آهي ته اسان بمبار جي سڃاڻپ ڪئي ۽ ان کي روڪيو، ڇو ته سامهون اهلسنت والجماعت جي ريلي اچي رهي هئي، ٿي سگهي ٿو ته بمبار ان کي ٽارگيٽ ڪري رهيو هجي. سيڪيورتي اهلڪارن هڪ نوجوان کي جيئن ئي روڪيو ته هو ڪري پيو ۽ ڪرڻ سان ئي هن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي سگهي ٿو، ڇو ته اهو ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين کي پڻ نقصان پهتو آهي. ڌماڪي جي ويجهو ئي اهلسنت والجماعت جي ڪارڪنن جي ريلي پڻ موجود هئي. اها ريلي حضرت ابوبڪر صديق جي يوم وفات جي موقعي تي ڪڍي وئي هئي.اطلاع ملڻ تي سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.هوڏانهن صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته هن زخمين کي بهتر طبي امداد جي فراهمي جون هدايتون جاري ڪيون آهن.