ڪوئيٽا جي هزارا گنجي واري علائقي ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي فوتين جو انگ 3 ٿي ويو

ڪوئيٽا : هزار گنجِي وارَي علائقي ۾ زودار ڌماڪي جَي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 7 کان وڌيڪ زخمي، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو موٽر سائيڪل ۾ نصب ڌماڪيدار مادَي ذريعي ڪيو ويو، ڌماڪي بعد ڀرپاسي بيٺل گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي، پوليس ۽ ايف سي علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڏني.