ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ غلام حيدر سولنگي ۾ ھڪ ئي گهر جا 9 معصوم ٻار معذورعلاج ڪرائڻ جي اپيل

ڪنڌڪوٽ (وڪي ٺاڪر):- بخشاپور ويجهو ڳوٺ غلام حيدر سولنگي ۾ ھڪ ئي گهر جا 9 معصوم ٻار معذور ۽ ٻه جوان ڇوڪرا دماغي توازن کان محروم آهن ٽن پورھيت ڀائرن محمد يعقوب سولنگي ـ شاھ غلام  ۽ علي جان سولنگي جي گهر ۾ 11 ٻار آهن جيڪي معذوري واري حالت ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن پورھيتن جي معذور ٻارڙن ۾ ملنگو ـ  ادب ـ  بلاول ـ ثمينه ـ سبحان ـ ڪاجل ـ آسيه ـ نثار ـ عميره ۽ سهراب شامل آهن معذور ٻارڙا گھمڻ ڦرڻ جي سگھ به نٿا رکي سگھن جنهن سبب گرمي ھجي يا سردي زمين تي گوڏن تي ريڙھيون پائيندي نظر اچن ٿا جڏهن ته معذور ٻارڙا اھڙي حالت ۾ وڏين تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن ان ڏس ۾ معذور ٻارڙن جي پيء  پورھيت محمد يعقوب سولنگي ٻڌايو ته سڀني معذور ٻارڙن جو  نجي اسپتالن مان علاج ۽ ٽيسٽون ڪرايون آھن غربت سبب مڪمل علاج نه ڪرائي سگهياسي صحت کاتي وارن کي ڪافي منٿون ڪيون سين پر ڪنهن کي به اسان جي معصوم معذورن مٿان ترس ڪونه آيو اسان جڏهن پنهنجن معصوم ٻارڙن کي معذوري واري حالت ۾  ڏسندا آھيون ته ماني به ڪونه وڻندي آھي خدارا اسان مسڪينن جي مدد ڪئي وڃي ھنن وڏي وزير ۽ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن کي معذور ٻارڙن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي ـ