ڪنڊيارو ۾ نوجوان مبينا اغوا، وات ۽ نڪ ۾ نسوار وجهي تشدد، گهمڻ ڦرڻ کان لاچار

ڪنڊيارو:- ڪنڊيارو جي ريلوي ڪالوني ۾ مبينه تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان امڙ ظهران پنهنجي پٽ وحيد چنڙ سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي دانهيندي چيو ته هو غريب مسڪين آهي، برادري جي بااثرناسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته بااثر منهنجي پٽ کي اغوا ڪري کڻي ويا، جتي پٽ تي سخت تشدد ڪري ويهڻ واري جاءِ ۽ گوڏن تي لٺيون هڻي پٽ تي سخت تشدد ڪري بيحال ڪيو ويو ۽ پٽ کي گرم پاڻي ۽ نسوار وات ۾ وڌي وئي، بعد ۾ بااثرن منهنجي پٽ کي ٺاروشاهه پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، بااثرن اسان جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، پٽ تي بااثرن پاران ڪيل تشدد بعد پٽ جي حالت خراب ٿي وئي آهي، ويهڻ واري جاءِ تي تشدد کان پوءِ پٽ هلي گهمي به نه ٿو سگهي، عورت روئيندي ٻڌايو ته بااثر منهنجي نياڻي شاهدان کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، غريب مسڪين هجڻ ڪري ڪير به مدد ڪرڻ وارو نه آهي، ٺاورشاهه پوليس بااثرن جي ونگارو بڻجي وئي آهي، پٽ جي طبعيت خراب ٿي وئي آهي، پٽ جي علاج لاءِ پئسا نه آهن، بااثر طاقتور هجڻ ڪري اسان کي ڌمڪائي رهيا آهن، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن، هن  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پٽ تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ بااثرن خلاف قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو پٽ سان گڏ ايس ايس پي نوشهروفيروز جي آفيس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندي