ڪنڊيارو ۾ قتل ٿيل تعليم کاتي جي ملازم ضياءُ سهتو جي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪراچي ۾ مظاهرو

ڪراچي :- ڪنڊيارو ۾ قتل ٿيل تعليم کاتي جي ملازم ضياءُ سهتو جي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪراچي ۾ مظاهرو، مقتول جي وارثن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن طرفان احتجاج دوران پوليس تي بي اعتمادي ظاهر، مظاهرين چيو آهي ته پوليس جوابدارن سان ٻِٽ بڻجي ڪيس کي لوڙهڻ جا سانباها ڪري رهي آهي، تنهن ڪري 2 هفتا گذرڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي ناهي ڪيو ويو، مظاهرين طرفان اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي تعليم کاتي جي ملازم جو قتل ڪيس لوڙهڻ کان بچائڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي