ڪنهن به اغوا ڪندڙ جو چهرو نه ڏٺو، کاڌو ڏيڻ وقت سندن آواز مٽيل هوندو هو: دعا منگي

ڪراچي:- ڪراچيءَ مان اغوا بعد پراسرار نموني بازياب ٿيل  دعا منگي جاچ ٽيم وٽ بيان رڪارڊ ڪرائي ورتو آهي. ٽيم ۾ پوليس سميت ٻين ايجنسين جا آفيسر بھ شامل آهن. دعا منگي بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو تھ حارث سان گڏ هوءَ چانهن پي ٻاهر نڪتي تھ کيس اغوا ڪيو ويو، اوچتو کيس ٻن ماڻهن پڪڙي گاڏي ۾ وڌو. هن جاچ ٽيم کي ٻڌايو تھ کيس اغوا ڪندڙن مان ڪنهن جو بھ چهرو ياد ناهي، ٽي ڀيرا ٻين گاڏين ۾ منتقل ڪري کيس گهمايو ويو. دعا منگي جاچ ٽيم کي ٻڌايو تھ کاڌو کائڻ وقت سندس اکين تان پٽي هٽائي ويندي هئي، اغوا وقت سندس چهرو ڍڪيو ويو. هن ٻڌايو تھ سندس هٿ پير ٻڌي ڪنن ۾ هينڊ فري لڳائي ڇڏيندا هئا، اغوا ڪندڙ جڏهن بھ کاڌو ڏيندا هئا، سندن آواز مٽيل هوندو هو. دعا منگي جاچ ٽيم کي ٻڌايو تھ کيس ڪنهن بھ قسم جو تشدد ناهي ڪيو ويو.