ڪنري جا رهواسي 2 نوجوان هندو نارين سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد :- ڪنري جي ڳوٺ علي محمد چانڊيو جي رهواسي پسند جو پرڻو ڪندڙ رياض محمد چانڊيو، نبي بخش چانڊيو پنهنجي هندو مان مسلمان ڪري شاديون ڪيل زالن ڪلثوم ۽ شهربانو سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته ڪولهي برادري جي مسلمان ٿي ڪري سندن سان شادي ڪندڙ ڇوڪرين جي معاملي تان تر جو بااثر ماڻهو وڏيرو دين محمد چانڊيو سندن مٿان ڏمرجي پيو آهي. ۽ کين زالون ڇڏڻ لاءِ ڌمڪائي رهيو آهي.هنن چيو ته ڄاڻايل بااثر وڏيري پنهنجي ماڻهن ذريعي چوري جا ڪوڙا الزام هڻي 10 لک روپيا گهري رهيو آهي، هنن چيو ته ڪولهي برادري جي نياڻين پنهنجي مرضي سان پنهنجو مذهب ڇڏي مسلمان ٿي سندن سان شاديون ڪيون آهن.جڏهن ته اهڙا بيان هو رڪارڊ ڪرائي چڪيون آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته وڏيري دين محمد چانڊيو ۽ ان جي ساٿين جي ظلم کان بچائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.