ڪنب ڀرسان نوجوان نابين ناري سان وحشي جي گهر ۾ گهڙي مبينا ڏاڍائي

ڪنب :- ڪنب ٿاڻي جي حد خيرپور جيکوهي لڳ ڳوٺ پير بخش ميرجت ۾ 17 سالا نابينه  ناري ريحانه ڌي حسين ڏنو ميرجت کي وحشي جوابدار پپو ميرجت گهر ۾ گهڙي مبينه  ڏاڍائي جو نشانو بنايو آھي جنهن کي وارث ڪنب ٿاڻي کڻي آيا پوليس ميڊيڪل لاء ليٽر ڏئي ناري کي ڪوٽڏيجي اسپتال روانو ڪيو ٻي طرف ناري جي وارثن ٻڌايو ته پپو ميرجت اسان جي غير موجودگي ۾ گهر ۾ داخل ٿي نياڻي کي ڏاڍائي جو نشانو بنايو آھي۔آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.