ڪشمور ۾ ڪراچي مان نوڪري جي ڏٽي سان گهرايل عورت جِي معصوم ڌيءُ سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف

ڪشمور :- ڪشمور ۾ ڪراچي مان نوڪري جي ڏٽي سان گهرايل عورت جِي معصوم ڌيءُ سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف، ذريعن موجب وحشي جوابدار رفيق ملڪ جاچ دوران پوليس کي ٻڌايو آهي ته هُن ۽ سندس ساٿي خير الله گڏجي ٻارڙي کي وحشت جو نشانو بڻايو، پوليس جي جوابدار خير الله طرفان بلوچستان فرار ٿيڻ جِي دعويٰ، مختلف علائقن ۾ ڇاپن باوجود جوابدار خير الله پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيو، چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ٻارڙي جي صحت ۾ سُڌارو نه آيو، ڪشمور ۾ پيش آيل هنيانءُ ڏاريندڙ واقعي خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي