ڪرڪيٽ شوقينن جو انتظار ختم، ڪراچي ۾ ميدان سجي ويو، پهرئين ٽيسٽ مئچ ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون آمهون سامهون

ڪراچي := ڪرڪيٽ شوقينن جو انتظار ختم، ڪراچي ۾ ميدان سجي ويو، پهرئين ٽيسٽ مئچ ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون آمهون سامهون، ڏکڻ آفريڪا ماني جي وقفي تائين ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 94 رنز ٺاهي ورتيون، ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪا دُنيا جي بهترين ٽيمن منجهان هڪ آهي، هو گرائونڊ تي ماحول ميزبان ٽيم جي حق ۾ هوندو آهي، ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ۾ 3 اسپنرز شامل  آهن، ۽ پاڪستان جي 11 رڪني ٽيم ۾ 2 نوان رانديگر شامل، ڊيبيو ڪندڙ عمران بٽ کي يونس خان ۽ کپرو واسي نعمان علي کي ياسر شاهه ٽيسٽ ڪيپس ڏنيون، عابد علي، اظهر علي، بابر اعطم، فواد عالم ٽيم ۾ شامل، محمد رضوان، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، نعمان علي ۽ ياسر شاهه کي به ميدان تي لاٿو ويو آهي