ڪرپشن ڪيسن ۾ دير جو ذميوار نيب آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :- قانون وارو سيڪريٽري ڪابينا مان منظوري وٺي هڪ مهيني ۾ ججز جي مقرري وارو عمل شروع ڪري، سُپريم ڪورٽ 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ وفاقي ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نين احتساب عدالتن لاءِ بُنيادي ڍانچو به تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، لاکڙا پاور پلانٽ جي اڏاوت ۾ مبينا گهوٻين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران نيب جا رولز 21 سال گذرڻ باوجود نه ٺهڻ جو انڪشاف ٿيو، نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل نيب جا رولز نه هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ عدالت نيب کي هڪ مهيني ۾ ضابطا ٺاهي رپورٽ پيش ڪرڻ جو ڏيندي چيو آهي ته نيب جا ضابطا آرڊيننس جي سيڪشن 34 تحت تيار ڪيا وڃن، نيب جون ايس او پيز رولز جو متبادل نٿيون ٿي سگهن. سپريم ڪورٽ چيو ته نيب آفيسرز ۾ اهليت ۽ صلاحيت نه آهي، نيب ۾ جاچ جو معيار پرکڻ لاءِ ڪوبه نظام نه آهي، ڪرپشن جي ڪيسز تي فيصلن ۾ دير جو ذميوار نيب آهي. سُپريم ڪورٽ چيو ته ريفرنس داخل ٿيڻ کانپوءِ نيب پنهنجون غلطيون سُڌارڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندو آهي، نيب جي جاچ آفيسرن کي قانوني پاسن جي خبر ناهي هوندي، جاچ سالن جا سال هلندي آهي ۽ ماڻهو سالن تائين نيب ۾ ڦاسي پوندا آهن، 30 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيڻ بدران ماڻهو 30 سالن تائين ڦاٿل هوندا آهن، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب جي ريفرنس ۾ ڪوبه معيار ناهي هوندو، ريفرنس جا بُنياد ئي غلط هوندا آهن.