ڪرونا وائرس کان بچڻ لاء فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران جاڳرتا مھم جي ريلي ڪڍي وئي

ميھڙ(رپورٽ عبدالغني ميراڻي) ڪرونا وائرس کان بچڻ لاء فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن ضلع دادو جي اڳواڻن سيد منور شاه جي حڪم موجب راجا غلام رسول چانڊيو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ضلعو دادو علي اصغر کوسو دانش ميراڻي ديدار سمون جان محمد ڪولاچي نثار احمد جتوئي مختيار چانڊيو منٺار ٻگھيو ۽ ٻين پاران جاڳرتا مھم جي ريلي ڪڍي وئي , ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي نيشنل پريس ڪلب ميهڙ پهتا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان ميھڙ جا اداڪار ڪرونا وائرس جي ھن موذي مرض جي احتياط کان بچڻ لاء عوامي جاڳرتا ريلي ڪڍي آھي, ھنن چيو ته ھي جاڳرتا ريلي فنڪار اتحاد ويلفيئر آرگنائيزيشن دادو جي چئيرمين سيد منور علي شاه جي حڪم تحت ميھڙتعلقي جي ڳوٺن ۾ وڃي عوام کي آگاھي ڏني آھي ته ھن موذي مرض جو خاص خيال ڪيو , ھٿ باربار صابڻ سان گھٽ ۾ گھٽ ويھ سينڪنڊ تائين ڌوئجو نڇون اچڻ ۽ کنگھ دوران ٽشو پيپر ۽ ماسڪ استعمال ڪرڻ گھرجي ۽ ڪنھن به ماڻھون سان ھٿ ملائڻ کان پاسو ڪيو ان عمل ڪرڻ سان ھن وبا کان بچي سگھجي ٿو, ھنن وڌيڪ چيو ته لاڪ ڊائون کي ڪامياب بڻائڻ لاء پنھنجي گھرن تائين پاڻ کي محدود رکي ھن خطرناڪ وبا کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي, هنن پاڪ آمي پوليس ڊاڪٽرن صحافين ۽ سيڪيورٽي ادارن کي سلام پيش ڪيو ۽ هنن چيو ته هن خطرناڪ وبا جي ڪري ڪيترائي مزدور مسڪين ماڻهون بيروزگار ٿيا آهن حڪومت پاران ڏنل راشن تمام ٿورو آهي اهو وڌائڻ گهرجي ۽ اسان فنڪارن جي پڻ ساهتا ڪئي وڃي