ڪرونا موڪلن ۾ واڌ ڪرائي ڇڏي : سنڌ ۾ سمورا تعليمي ادارا 30 مئي تائين بند رکڻ جو اعلان سمورا امتحان به ملتوي

ڪراچي: سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس سبب صوبي ۾ سمورا تعليمي ادارا 30 مئي تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا جا نوان ڪيس اچڻ کانپوءِ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو.اجلاس جي پڌرائي ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته 30 مئي تائين ڏنل موڪلون گرمي جون موڪلون تصور ڪيون وڃن، جڏهن ته سمورا امتحان پڻ ملتوي ڪيا ويا آهن.30مئي تي اعلانيل موڪلن کي گرمي جون موڪلون تصور ڪيو وڃي.